ارسا جا سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن وارا منصوبا ملڪ دشمن آهن: لال جروار

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار،  مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر  رسول بخش خاصخيلي ۽ دائود ڏاهري پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ارسا پاران پنجاب کي نوان ڪينال ٺاهي ڏيڻ جو اجازت نامو ملڪي سالميت تي حملو آهي، ملڪ ۾ شامل اڪاين وچ ۾ تفريق پيدا ڪندڙ قوتون ملڪ دشمن آهن، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل هڪ غيرقانوني ۽ غير آئيني ادارو آهي، ان اداري تحت سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن وارا منصوبا ملڪ دشمن آهن، سنڌو درياهه جي سمورن حصي دارن کي سندن تاريخي حصي موجب پاڻي جي فراهمي ڪئي وڃي، سنڌ جي حصي جو 90 سيڪڙو پاڻي اڳ ۾ ئي پنجاب چورائي چڪو آهي، بچيل 10 سيڪڙو تي پنجاب جي حڪمرانن جون ميريون اکيون، ملڪ کي 1971ع وارين حالتن ڏانهن وٺي وڃڻ برابر آهن. هن وقت جڏهن سنڌ جو عوام اليڪشن ۾ مصروف آهي ته اهڙي صورتحال ۾ نگران سرڪار سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن ۽ زمينن تي قبضن وارا منصوبا آڻي ملڪ دشمني ڪري رهي آهي، سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ پاڻيءَ تي ڌاڙن واري نگران سرڪار ۽ نواز ليگ جي هڪ ئي ايجنڊا آهي، پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي به اقتدار خاطر ان ايجنڊا تي نواز ليگ سان مليل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.