ڪراچي رپورٽر) سنڌ جي نگران حڪومت پاران 8 فيبروري جي چونڊن جي سلسلي ۾ صوبي اندر آخري انتظامي معاملن بات پنهنجو جائزو وٺي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ 30هين صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ چونڊ انتظامن ۽ نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن برگيڊيئر (ر) حارث نواز، عمر سومرو، احمد شاهه، ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، آءِ جي پوليس رفعت مختار، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، پي جي فياض شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڏي وزير ايندڙ چونڊن جي انتظامن جو جائزو ورتو. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي 19008 پولنگ اسٽيشنون هونديون جن ۾ 5657 نارمل، 6550 حساس ۽ 6801 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنون شامل آهن. آءِ جي پوليس رفعت مختار پوليس جي مقرري بابت وضاحت ڪندي ٻڌايو ته جنرل پولنگ اسٽيشن تي 4 پوليس اهلڪار، حساس پولنگ اسٽيشن تي 5 ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن تي 7 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. پولنگ اسٽيشنن تي ڪُل 143,156 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا جن ۾ 95,400 جنرل پولنگ اسٽيشنن تي، 10,648 ڪيو ايف آر پوليس ۽ 37,108 معاون فورس جا اهلڪار شامل آهن. چونڊيل انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي پوليس فورس کان علاوه ڪي آر ايف ڊيوٽي لاءِ رينجرز ۽ فوج کي مقرر ڪيو ويندو. ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته عام چونڊن دوران سڄي صوبي ۾ ٿرڊ ٽيئر جي فوج موڪلي وئي آهيوڏي وزير نشاندهي ڪئي ته نومبر 2023 ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي صورتحال خطرناڪ هئي، روزانو سراسري طور 265 اسٽريٽ ڪرائم رپورٽ ٿيا، پوليس جون گاڏيون خراب حالت ۾ ۽ منظم گروهه جي ڪابه چيڪنگ نه هئي. ان تي آءِ جي سنڌ چيو ته 386 موٽرسائيڪلن جو اسپيشل اسڪواڊ جوڙيو ويو آهي، آءِ جي پوليس چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز سان مقابلا تيز ڪيا ويا آهن، 23 سيپٽمبر کان 24 جنوري تائين 581 مقابلا ٿيا، جن ۾ 71 ڏوهاري مارجي ويا، 615 ڏوهاري زخمي ٿيا، 1037 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. نتيجي ۾ 2023 دوران اسٽريٽ ڪرائمز ۾ 4.19 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. آءِ جي پوليس جو چوڻ هو ته اسٽريٽ ڪرائمز جي روزاني اوسط 213 ٿي وئي آهي، جيڪا 19 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪچي وارن علائقن خاص ڪري سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي. اغوا لاءِ اغوا (KFR)، ڌاڙن جهڙا وڏا ڏوهن تي ضابطو اچي ويو آهي. گشت ۽ پڪٽنگ وڌائي وئي آهي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص اجلاس کي ٻڌايو ته رينجرز ڪچي جي علائقن ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي 47 ڪارروايون ڪيون ۽ 145 ڌاڙيلن/ ڏوهارين کي گرفتار ڪري 86 کان وڌيڪ هٿيار ۽ 5248 ايمونيشن رائونڊز هٿ ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته انڊس هاءِ وي/نيشنل هاءِ وي تي 10 اضافي چيڪ پوسٽون ۽ هڪ بيس ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن اچ وڃ کي محفوظ بڻائي سگهجي. سيڪريٽري گهرو اقبال ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت 43623 غير قانوني پرڏيهين کي وطن واپس موڪليو ويو آهي، جن مان 42093 رضاڪارانه طور تي واپس آيا ۽ 1530 کي پهرين آڪٽوبر 2023ع کان ڊي پورٽ ڪيو ويو. اها نشاندهي ڪئي وئي ته 81,106 غير قانوني پرڏيهي POR ڪارڊ هولڊر هئا ۽ 65,936 ACC هولڊر هئا. رينجرز لياري، اورنگي، لانڍي، ڪورنگي گڏاپ ۽ ٻين علائقن ۾ دهشتگردن جي ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ 121 ڪومبنگ آپريشن ڪيا. رينجرز چاڪيواڙ، گلبهار، جمشيد ميراڻي ۽ سهراب ڳوٺ ۾ شڪايتن تي 25 ڀتا خورن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته شدت پسندي خلاف ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ڪنهن به ڏوهاري يا هٿياربند گروپ کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.