ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ بل بورڊز، پينافليڪس، سياسي بينرلڳڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن جي جواب مان لڳي رهيو آهي ته صرف حڪم پهچايو ويو آهي، اوهان کي خبر آهي ته عدالتي حڪم جو پڇاڻو ٿي رهيو آهي، عدالت ۾ اليڪشن ڪميشن جي فوڪل پرسن چيو ته اسان 7ڊي ايم اوزکي چيو آهي ته جنهن جنهن جڳهه تي بينرلڳايا ويا آهن انهن کي هٽايو وڃي، عدالت چيو ته ڪهڙن کي نوٽيس جاري ڪري ڊس ڪوالفياءِ ڪيو ويو آهي، جسٽس نديم اختر چيو ته اوهان کي خبر آهي ته سرڪاري جڳهه تي سياسي بينرز ۽ نعرا برداشت جوڳا ناهن، اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ سڀ سٺو آهي .اوهان جي رپورٽ حقيقن تي ٻڌل ڇو نه آهي، عدالت چيو ته سڀ خبر آهي ته ڊي سيز اليڪشن ۾ مصروف آهن، اليڪشن بعد به هي لڳل هوندا، عدالت ڪراچي جي سمورن ڊي سيز کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.