9 مئي حملن جو مقصد فوج ۾ ڏار وجهڻ هو، رٿيل سازش هئي: ڪابينا ڪميٽي

اسلام آباد(م ڊ) نگران وفاقي ڪابينا جي اعليٰ سطحي ڪميٽي جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 9 مئي جي حملن جو مقصد پاڪ فوج ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ هو، حملا هڪ رٿيل سازش هئي. صحافي انصار عباسي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته 9 مئي جي واقعن جي ماسٽر مائينڊن، سازشين ۽ رٿائن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي  عنصر شامل هئا.  رپورٽ ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جي اها رپورٽ پي ٽي آءِ ۽ ان جي اعليٰ قيادت لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندي، غلط معلومات پکيڙڻ، جعلي پروپيگنڊا ۽ جعلي خبرون هلائڻ به ان پلان جو حصو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.