ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، ٻڌايو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 350 ڊيم ڪاڏي ويا: نواز شريف

قصور (م ڊ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته نوجوان اسان سان گڏ آهن، ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين . قصور جي علائقي کڊيان خاص ۾ چونڊ مهم جي آخري ڏينهن جلسي کي خطاب ڪندي نواز  شريف چيو اسان جي حڪومت نه وڃي ها ته هتي موجود هر شخص وٽ سٺو روزگار هجي ها، موجوده دور ۾ هر نوجوان کي روزگار ملڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي هن دور مان ٻاهر نڪرڻو آهي، ملڪ کي وري ايشين ٽائيگر بڻائڻو آهي، جيڪي چوندا هئا نوجوانن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ملنديون، لکين گهر ملندا، اهي نوڪريون ۽ گهر ڪاڏي ويا ؟.  سندس چوڻ هو ته فراڊين ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، انهن کي ٻيهر ناهي اچڻ ڏيڻو، اسان ملڪ جي ٻيهر تعمير ڪنداسين ۽ نوجوان اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي ترقي ۾ هٿ ونڊائيندا. هنن چيو ته 2 ڏينهن کانپوءِ خوشحالي جو سج اڀرڻ وارو آهي، هو ڌرڻن ۾ مصروف هئا، اسان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ۾ مصروف هئاسين، نوجوانن کي هنر سيکارينداسين، روزگار ڏينداسين، نواز شريف جي دور ۾ ماني 4 رپيا هئي. زمانو، اڄڪلهه 20 روپين ۾ توهان کي هڪ ماني ملي ٿي، اڄ اليڪشن مهم جي آخري گڏجاڻي آهي، اسين سڀ اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.