واهپيدارن کي ٻيو لوڏو، پهرين جنوري کان گيس مهانگي، عوام تي 98 ارب جو بار پوندو

اسلام آباد (م ڊ)  اوگرا پهرين جنوري کان گئس جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ سوئي سدرن لاءِ 8.57 سيڪڙو ۽ سوئي ناردرن لاءِ 35.13 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي 98 ارب رپين جو  خسارو پورو ڪيو ويندو. تفصيل موجب آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) 30 جون 2024ع تائين  98 ارب جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ  پهرين جنوري 2024ع کان سوئي ناردرن جي گيس قيمتن ۾ 35.13 سيڪڙو ۽ سوئي سدرن گئس جي قيمت ۾ 8.57 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي. موجوده مالي سال 2023-24 ۾ گئس جي قيمتن ۾ هي ٻيو اضافو آهي، ريگيوليٽر 2 فيبروري 2024ع تي گيس جي سراسري قيمت 1291 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي، جيڪا اڳ ۾ 2 جون 2023 تي مقرر ڪئي وئي هئي. 1590 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو تي 23.16 سيڪڙو جي سراسري واڌ جي سفارش ڪئي وئي هئي. آءِ ايم ايف اڳ ۾ ئي حڪومت کي چيو آهي ته گئس جي نظرثاني واري عمل کي ٻن سالن ۾ لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن گهريلو گيس جي شعبي ۾ گردشي قرضن جي اسٽاڪ کي گهٽائي سگهجي، جيڪو هن وقت 1250 ارب رپيا آهي. اوگرا ٻن سالن دوران گيس جي قيمتن جو اعلان ڪرڻ جو پابند آهي، حڪومت ڪنهن به موجوده مالي سال ۾ پهرين جولاءِ کان پوءِ پهرين جنوري کان گئس جي قيمتون لاڳو ڪرڻ جو پابند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.