چونڊن ۾ 6 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ عورتون ووٽ ڏئي سگهنديون؟ فافن رپورٽ

اسلام آباد (م ڊ)  فافن عام چونڊن لاءِ جنرل سيٽن تي عورت اميدوارن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. عام چونڊن ۾ عورت اميدوار به اڳيان وڌي حصو وٺي رهيون آهن. فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ جي رپورٽ طرفان جنرل سيٽن تي عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ عورت اميدوارن بابت جائزه رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. فافن جي رپورٽ موجب 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ 6 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ عورتون ووٽ ڏئي سگهنديون. انهن جا اهي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ 111 سياسي پارٽين جون 275 عورت اميدوار عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن. فافن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عورت اميدوار قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي نامزد 6037 اميدوارن جو 4.6 سيڪڙو آهن. فافن جو اهو تجزيو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ چونڊ اميدوارن جي فارم 33 جي بنياد تي جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.