اوهان ڪم نه ڪندا، آءِ جي کي طلب ڪيون پيا: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايس ايس پي تي ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس خادم حسين تنيو ته ٻڌل ٻه رڪني بينچ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر نثار پنهور ۽ سندس پٽ  محسن پنهور جي آزادي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ايس ايس پي اوڀر عرفان بهادر عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته شهرين کي ڪير کڻي ويو؟ ايس ايس پي اوڀر عرفان بهادر چيو ته شهرين کي ڪير وٺي ويو ڪا خبر ناهي، درخواستگذار چيو ته پوليس موبائلون ۽ انهن جا نمبر سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ واضح طور تي نظر اچن ٿا، اين اي 242 تان نثار احمد پنهور آزاد اميدوار آهي ۽ محسن پنهور پي ايس 85 تان آزاد اميدوار آهي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو  ايس ايس پي عرفان بهادر تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته اوهان عدالت ۾ ڪهڙو بيان ڏئي رهيا آهيو، شهرين کي آزاد ڪرائڻ اوهان جي ذميواري آهي، تصوير ۾ نظر اچي رهيو آهي ته پوليس انهن کي کڻي وئي آهي ۽ پوليس جي گاڏين جا نمبر به صاف نظر اچي رهيا آهن ۽ توهان چئي رهيا آهيو اسان کي خبر ناهي، عدالت چيو ته توهان ڪم نه ڪندا، آءِ جي کي طلب ڪري رهيا آهيون، شهري چونڊون وڙهي رهيا آهن ان لاءِ انهن کي کنڀيو پيو وڃي اليڪشن کانپوءِ پاڻ ئي واپس ڇڏيا ويندا، عدالت 21 فيبروري تي آءِ جي سنڌ کان ذاتي حيثيت ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.