پريا ڪماري بازياب نه ٿي، دارا واهڻ کان سکر پريس ڪلب تائين پنڌ مارچ

سکر (رپورٽر) پريا ڪماري رھائي ڪاميٽي ۽ سنڌ سڀا پاران پريا ڪماري ۽ ٻين جي  آزادي لاءِ پريس ڪلب دارا واھڻ کان ڪنڌرا پريس ڪلب ۽ ايس ايس پي آفيس سکر تائين پيادل احتجاجي مارچ شروع ڪيو ويو، احتجاجي مارچ ۾ پريا ڪماري رهائي ڪميٽي سرواڻ ڊاڪٽر نذير کوکر، سنڌ سڀا جو سنڌي انعام ميمڻ، مخدوم بلاول ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، پريا ڪماري رھائي ڪاميٽيءَ جي سرواڻ ڊاڪٽر نذير کوکر ٻڌايو تـ معصوم پريا ڪماري 19 آگسٽ 2021 تي 10 محرم ڏھاڙي عزادارن کي سبيل پيئاريندي اغوا ٿي وئي، اغوا ڪندڙن جا نالا سڀني جي سامهون آهن پر ڪير به انهن ۾ هٿ نٿو وجهي، خورشيد شاهه ۽ ناصر شاهه جي ڪري پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙن ۾ هٿ نه پيا وڌا وڃن، سنڌ سڀا اڳواڻ سنڌي انعام چيو ته اصل ۾ سنڌ رڳو شاھن، نقاب پوش بندوق بردارن جي ماريل ناهي پر پنهنجي خاموشي جي ڪري به کنڀجي ۽ ڦرجي رهي آهي، سڄي سنڌ جيڪڏهن اٿي پوي ته رڳو پريا نه پر سنڌ جا سمورا کنڀيل سياسي ڪارڪن آزاد ڪرائي سگهون ٿا،  هن چيو ته معصوم پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي فوري آزاد ڪيو وڃي، احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، اسان ايس ايس پي سکر جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.