نواز شريف، بلاول ۽ ايم ڪيو ايم جو ڳٺ جوڙ آهي: حليم عادل شيخ

 ڪراچي (رپورٽرِ)  پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته نواز شريف، بلاول ۽ ايم ڪيو ايم نوراڪشتي  وڙهي رهيا آهن. ڪراچي جي انٽي انڪروچمينٽ عدالت ۾ سوسائٽي جي زمين تي قبضي جي پيشي جي موقعي تي ميڊيا  سان ڳالهائيندي هن  چيو ته  هڪ ٻئي جي مخالف ڪري عوام جي اکين ۾  ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري  رهيا آهن هن چيو ته هي سڀ هڪ ٿالهي ۾کائيندا آهن، پي ڊي ايم ٽو بڻائڻ جو خواب ساڀيان نه ٿيندو،  اليڪشن واري ڏينهن پاڪستان ۽ڪپتان لاءِ گهر مان نڪرڻو آهي.

اليڪشن ڊيوٽي تان غير حاضر سرڪاري ملازمن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

 ڪراچي(م ڊ) سجاول ۽ سيوهڻ مان اليڪشن ڊيوٽي تان غير حاضر سرڪاري ملازمن کي  گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، سجاول   جي علائقي پي ايس مان چونڊن جي ڊيوٽي تان غير حاضر 300 کان وڌيڪ اهلڪارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، رٽرنگ آفيسرن چيو آهي ته ايس ايس پي سجاول غير حاضر ملازمن کي گرفتار ڪري پيش ڪري، ميڊيڪل آفيسر، استادن ۽ ٻين سرڪاري ملازمن جا  گرفتاري وانٽ جاري ٿيا آهن، ٻئي پاسي سيوهڻ مان اليڪشن ڊيوٽي تان 134 سرڪاري ملازمن غير حاضر آهن.

عام چونڊن دوران لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ فوج مقرر

لاهور (م ڊ) 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کي پرامن بڻائڻ لاءِ لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پاڪ فوج جي جوانن  جي مقرري جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. پنجاب جي گهرو کاتي چونڊن واري ڏينهن سڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ لاءِ لاهور، قصور ۽ شيخوپوره ۾ فوج مقرر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته منڊي بهاءُ الدين ۽ چکوال ۾ اڄ فوج مقرر ڪئي ويندي. پنجاب جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ تائين جهلم، سرگوڌا، جهنگ، فيصل آباد، ملتان ۽ ٻين ضلعن ۾ فوج مقرر ڪئي ويندي، ان حوالي سان سمورن ضلعن جا عملدار پاڪ فوج سان رابطي ۾ آهن. صوبائي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته چونڊن دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ پهرين ترجيح آهي جنهن لاءِ چونڊن بابت سمورن انتظامن جو بغور جائزو ورتو پيو وڃي.

گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ هاءِ ڪورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين جي آزادي جي سلسلي ۾ آءِ جي سنڌکي 20 فبيروري تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته شهرين جي آزادي لاءِ  ڪهڙي قدم کنيا ويا آهن، عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته 22 جي آءِ ٽيز جا اجلاس ٿي چڪا آهن،  ملڪ جي ايجنسين کي خط لکيا ويا آهن، جسٽس اقبال ڪلهوڙي رمارڪس ۾ چيو ته افشان چئن سالن کان گم آهي، هن مهل تائين آزاد ڇو ناهي ٿي سگهي، جاچ آفيسر چيو ته ڇوڪري جو ڀاءُ غلط معلومات ڏئي رهيو آهي، ڇوڪري جي ماءُ بيان ۾ چيو ته افشان جو پيءٌ نياڻي سان زيادتي ڪندو جنهن ڪري ڇوڪري گم ٿي وئي آهي، محمد حسين جي گهروارن چيو ته محمد حسين 4 مهينن کان گم آهي، اهلڪارن چيو ته ڪجهه جاچ ڪري پوءِ هُن  کي واپس ڪنداسين، عدالت آءِ جي سنڌ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي 20 فبيروري تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.