ڪير جيڪڏهن پُڇي ته سال 2024ع جي چونڊن جي نئين يا خاص ڳالهه ڪهڙي آهي ته پاڻ اهو چونداسين ته اهي عوام دوست انقلابي ۽ قومپرست سياسي سماجي شخصيتون جن پهريون ڀيرو چونڊن ۾ حصو ورتو آهي خاص ڪري اهي شخصيتون جيڪي عوامي آهن، عوام منجهان آهن عوام سان گڏ رهندڙ آهن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي سال 2024 جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي دل جي گهراين سان آجيان ڪريون ٿا.
اصل ۾ چونڊن جي تاريخ کي ڏسجي ته هر دور ۾ انقلابي ۽ قومپرست سياسي سماجي شخصيتن چونڊن ۾ حصو وٺي موجوده نظام واري بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، رسول بخش پليجي، ڪامريڊ ڄام ساقي وغيره چونڊن ۾ حصو وٺي چڪا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهڙيون شخصيتون گهڻو ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن. سندن ڪامياب نه ٿيڻ جي ڪارڻن تي لکبو ته ان موضوع تي ئي چار پنج ايڊيٽوريل لکي سگهجن ٿا پر اسان انهن وڏين شخصيتن جا پوءِ به ٿورائتا رهنداسين جن چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ چونڊ جي جمود واري موجود نظام جي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائڻ جي پنهنجي حصي وري ڪوشش ڪئي ۽ ٻيو نه ته اهو ضرور ثابت ڪيو ته هي چونڊ نظام ئي اهڙين وڏين آدرشي، انقلابي، عوامي شخصيتن لاءِ نوگو ايريا آهي. اهو به ڪارڻ آهي ته اڪثر ساڃاهه وند موجوده چونڊ نظام کي حقيقي جمهوري نظام نٿا سمجهن ۽ عوام ۾ به اهو تاثر وقت سان گڏ وڌندو ئي رهيو آهي ته سندن ووٽ جي ڪا اهميت ناهي.
هتي ”اليڪشن“ بدران ”سليڪشن“ جو رواج آهي. چونڊن جو نظام بس نالي ماتر آهي، دنيا کي ڏيکارڻ جو تماشو آهي ته هتي پارلياماني ۽ جمهوري نظام آهي جڏهن ته اندروني طور اهو سليڪشن جو ۽ ڪنٽرولڊ جمهوريت جو نظام آهي جنهن اقتداري ڍانچي کان ٻاهر بيٺل، انقلابي ۽ قوم پست سياسي جماعتن، اڳواڻن ۽ عوام کي چونڊن کان پري ۽ لاتعلق بڻائي رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ هر گذريل چونڊ کان گهٽبو ئي وڃي ٿو. هن چونڊن جي حوالي سان به سروي رپورٽون آهن ته عام ماڻهن جي چونڊن ۾ ڪا دلچسپي ناهي ۽ نه ئي چونڊن جو اهو روايتي جوش ۽ ولولو ٿو نظر اچي جيڪو چونڊن جو خاصو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته عوام کي تاريخي طور خبر پئجي چڪي آهي ته هتي ووٽ جي پرچي بيلٽ باڪس ۾ وجهڻ بدران انکي وڏي بوٽ هيٺان رکي چٿيو ۽ مروڙيو ويندو آهي حڪومت ۽ حڪمران چونڊڻ وارا ڪي ٻيا آهن جن کي عوام جي ووٽ جي نالي ۾ اقتدار ڏنو ويندو آهي، هيلوڪي چونڊ ته ان پراڻي تاثر کي وڌيڪ چٽو ۽ مضبوط ڪري ڏيکاريو آهي. اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته ملڪي تاريخ ۾ رڳو 1970ع واري چونڊ ئي صاف شفاف ٿي جنهن ۾ عوام جي سڀ کان گهڻي ريڪارڊ شرڪت هئي جنهن جي نتيجين کي وري قبول نه ڪيو ويو جنهن جو نقصان اهو ٿيو جو ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو هو.
ان غير جمهوري ۽ ٻاٽ اونداهي واري نظام کي ڏسندي پوءِ به چونڊن ۾ کاٻي ڌر ۽ قومپرست سياسي جماعتن ۽ سياسي اڳواڻن جي متبادل طور اڳتي اچڻ واري عمل ۽ ڪوششن واري جذبي جي اسان آجيان ڪريون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته اهو عملو جاري رهندو ۽ نيٺ ان عمل جو ڪو نتيجو نڪرندو. اسان سمجهون ٿا ته ان سان ملڪي نظام جي فيصلي سازن تي دٻاءُ پوندو رهندو ۽ نيٺ اهي سندن لاءِ پارليامينٽ جا دروازا کولڻ تي مجبور ٿيندا. بس ڳالهه آهي ته ان ضرورت کي محسوس ڪرڻ جي جيڪا هر چونڊن جي موقعي تي ثابت قدم سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۾ نظر آئي آهي.
اها ڪيڏي نه خوشي ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي ته ان شديد مايوسي واري پسمنظر کي ڏسندي اميد پرست ۽ حوصلي مند اسان جون انقلابي ۽ قومپرست سياسي ۽ سماجي شخصيتون سال 2024ع جي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن، عوام جي نمائندگي ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت کي محسوس ڪري رهيون آهن ۽ شيخ اياز صاحب جي هن شعر جي نمائندگي ڪري رهيون ”جي هانو نه هارين ڪوهياريل هي ڏينهن گهاري وينداسين .“
سو هن چونڊن ۾ جيڪي به انقلابي عوامي قومپرست شخصيتون يا جماعتون پهريون ڀيرو حصو وٺي رهيون آهن تن جي شموليت کي اسان هنن چونڊن جو بهترين نتيجو سمجهي رهيا آهيون ۽ انهن جي ڀرپور آجيان ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان کي اوهان جي هن اڳڀرائي تي فخر آهي. متبادل طور اڳتي اچڻ وارو اوهان جو هي جذبو مثالي آهي. اسان کي خبر آهي ته اهڙو بي لوث جذبو اهي ئي شخصيتون رکي سگهنديون آهن جيڪي نظرياتي هونديون آهن جيڪي رڳو کٽڻ لاءِ چونڊون ناهن وڙهنديون پر سندن اصل مقصد عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ هوندو آهي. اسان کي خبر آهي ته اوهان چونڊون کٽو يا هارايو اوهان پوءِ به عوام سان گڏ هوندا ۽ انهن لاءِ پوءِ به ڪم ڪندا رهندئو. اوهان روايتي اقتداري سياستدان ناهيو جيڪي رڳو چونڊن جي ڏينهن ۾ عوام وٽ ووٽ گهرڻ ويندا آهن ۽ پوءِ وري پنهنجن تڪن ڏانهن منهن ئي ناهن ڪندا.
عوام کي به گهرجي ته پنهنجن سڄڻن کي سڃاڻين ۽ انهن کي ووٽ ڏين جن کي اهو پنهنجي وچ ۾ موجود ڏسندو هجي ۽ جن سان سولائي سان ملي پنهنجا مسئلا ٻڌائي سگهي. اهڙو تجربو ڪرڻ جو هي سونهري موقعو اوهان وٽ هاڻي به آهي سو پاڻ سان انصاف ڪريو، پنهنجن سڄڻن کي سڃاڻيو ۽ انهن کي ڪامياب ڪرائي، اقتداري ايوانن ۾ پهچائي پنهنجن بنيادي حقن جو تحفظ ڪريو.