ڳوٺ ووٽ ڏيڻ ٿا وڃون

تحرير: انور ابڙو

مون اڄ صبح جو پنهنجي گهر جي هڪ ڪمري ۾ ويٺي اخبار پئي پڙهي ته، پاڙي جي مائي مهرالنساءَ اسان جي گهر آئي. هوءَ اسان جي گهرَ جو ٿورو گهڻو ڪم ڪار ڪندي آهي. ورانڊي ۾ پهچي منهنجي گهرَ واري زينت کي چيائين،”ادي، گهرَ جو جيڪو ڪم ڪار هجئي، لٽا ڪپڙا ڌوئڻا هجن ته اڄ ڏي، سڀاڻي اسان ڳوٺ ٿا وڃون.“

”ڇو، خير ۾ ڳوٺ ٿا وڃو ؟“ زينت کانئس پڇيو.

”ها آهي ته خير، پر ڳوٺِ ووٽ ڏيڻ ٿا وڃون،“ خيرالنساءَ چيو.

”ڇو، هتي توهان جا ووٽ داخل ناهن ڇا؟“ زينت کانئس پڇيو.

”نه، هتي داخل ناهن، ٽي بسون ڀري ٿا وڃون. اسان جي وڏيري چيو آهي ته اچي ووٽ ڏيئي وڃو،“ مهرالنساءَ ٿورو تفصيل ۾ ٻڌايو ته مان ڪمري مان ٻاهر نڪري آيس.

”ادي، اوهان رهو ڪراچيءَ ۾ ۽ وري ٽي بسون ڀري ڳوٺِ وڏيري کي ووٽ ڏيڻ ٿا وڃو؟ ووٽ ته اوهان کي هِتي ڏيڻ گهرجي ها، جتي رهو ٿا. وڏيري ۾ اوهان جو ڪهڙو ڪم پوندو هوندو؟“ مون کيس چيو.

”ادا، پوئتي به ويجها مائٽ رهن ٿا، انهن جي ڪري وڃون ٿا. جَي وڏيرو چونڊن ۾ هارائي ويندو ته سڄو الزام اسان تي ايندو ته اسان کيس ووٽ ڏيڻ اچون ها ته هو کٽي وڃي ها…. ۽ پوءِ ان ڪاوڙ ۾ اسان جي مائٽن کي تڪليفون ڏيندو.“

مان خاموش ٿي ويس.

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.