جيتوڻيڪ بي يقيني سبب چونڊن جي اها گهما گهمي ته نظر ڪونه ٿي اچي، پر روايتي طور وڏا وڏا ڊنگ ۽ ڀوتار امڪاني طور اقتدار حاصل ڪرڻ وارين پارٽين کان ٽڪيٽ وٺي چونڊ ورڪ تي ميدان ۾ نڪري پيا آهن. هر ڀيري چونڊن کان پوءِ پنج سال گم ٿي ويندڙ اُميدوار رهيل تعزيتون ۽ هر ڀيري وانگر ڪوڙا وعدا ۽ سکڻا دلاسا ڏئي اٻوجهه عوام کان ووٽ وٺڻ جا جتن ڪري رهيا آهن.
اهڙي طرح واري وٽي اقتدار جي تخت تي ويهندڙ پارٽين به پنهنجا منشور جاري ڪيا آهن. پيپلزپارٽي ” اٽي، لٽي ۽ اجهي کان ويندي 300 يونٽ مُفت بجلي ڏيڻ“ ته وري نواز ليگ پاڪستان کي نوازيو توڙي پاڪستان مان مهانگائي جي خاتمي ۽ روزگار ڏيڻ جو پنهنجو منشور جاري ڪيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته 50 سالن کان پ پ ۽ 30 سالن کان (ن) ليگ اقتدار ۾ رهيون انهن کي اهو ڪم ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو؟ ڳالهه اها آهي ته هنن اقتدار ۾ رهي پنهنجي منشور جي ابتڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري ڪفن به مهانگو ۽ عوام جو جيئڻ مشڪل جڏهن ته پاڪستان کي نوازڻ بدران ٻاهران قرض وٺي پنهنجا نوازي ۽ ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ ملڪيتون جوڙيون نتيجي ۾ عوام ساڳيو بُک، بدحالي ۽ بيروزگاري توڙي بدامني جو شڪار رهيو. انصاف جي ڳالهه ڪئي وڃي ته پ پ، مسلم ليگ(ن) پي ٽي آءِ کي عوام پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي بار بار اقتدار ۾ آندو، پر انهن ڊليور ڇا ڪيو آهي؟ باقي پارٽيون هنن ٽنهي سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيون. اهڙي ريت باقي بچي ويل پارٽيون به هنن سان اقتدار ۾ گڏ رهيون آهن.
ڏٺو وڃي ته صرف جماعت اسلامي اها واحد جماعت آهي جنهن هميشه اسيمبلي کان وٺي هر پليٽ فارم تي حق جو هوڪو ڏنو آهي ڪراچي جي هرمسئلي تي به ان پارٽي جو اڳواڻ حافظ نعيم سگهارو آواز رهيو آهي.جماعت جي ڪنهن به فرد تي پاناما، قرض وٺندڙ ۾ نالو توڙي نيب ۾ ڪوبه ڪيس ڪونه آهي. نعمت الله خان، عبدالستار افغاني سراج الحق جو ڪم ۽ ڪردار سموري قوم آڏو موجود آهي. ٻين پارٽين وانگر هي ڪنهن وڏيري، جاگيردار ۽ موروثي خانداني پارٽي ڪونه آهي. هرفرد پنهنجي من پسند پارٽي اميدوارکي ووٽ ڏيڻ ۾ آزاد آهي، جمهوريت جي به اها گهرج آهي ته عوام کي پنهنجي مرضي جي قيادت چونڊڻ جو موقعو ڏنو وڃي.ووٽ هڪ قيمتي امانت آهي انهيءَ ووٽ بعيت لاءِ ئي ته حضرت سيدنا امام حسين عالي مقام ۽يزيد وچ ۾ جنگ لڳي هئي.انڪري هن ڀيري ڪردار ۽ ڪارڪردگيءَ کي ووٽ ملڻ گهرجي ان ۾ ئي وطن ۽ قوم جو ڀلو آهي.