ٻوڏ ۾ نظرانداز ڪرڻ پ پ کي مهانگو پئجي ويو

تحرير: غلام نبي ملوڪاڻي

سانگهڙ ضلعي جي 5 صوبائي ۽ 2 قومي تڪن تي جي ڊي اي ۽ پيپلز پارٽي ۾ چونڊ دنگل ٿيندو، 2023 جي برساتي ٻوڏ ۾ عوام کي نظرانداز ڪرڻ پيپلز پارٽي کي مهانگو پئجي ويو، ووٽر ناراض آهن، ڪيتريون ئي برادريون پ پ کي الوداع ڪري جي ڊي اي ۾ شامل ٿي ويون.

سانگهڙ جي عوام پاران پ پ جي گذريل 15 سالن جي دور ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ ترقياتي منصوبن ۽ ماڻهن جي ڀلائي وارن ڪمن لاءِ ايندڙ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿيڻ، ڀاڻ، ٻج، ٻوڏ ۽ متاثرن جا گهر ٺهرائڻ جي مد ۾ ايندڙ پيسا علائقي تي خرچ نه ٿيڻ ۽ اها رقم ڪيڏانهن وڃڻ وڃڻ بابت پ پ کان عوام جو پڇاڻو پنهنجا نوازي ۽ رقم هڙپ ڪرڻ جا الزام هئڻ ڪري پ پ جي اميدوارن جو مختلف جاين تي پنهنجي تڪن ۾ ورڪ دوران تڪ جي عوام پاران گهيراءُ ڪري کانئن پڇاڻو ڪيو پيو وڃي، هر هنڌ عوامي مزاحمت سامهون اچڻ ڪري پ پ جا اميدوار ورڪ ڪرڻ ۾ به ناڪام ٿي ويا.

اھڙي طرح ضلعي سانگهڙ ۾ جي ڊي اي جي اميدوارن جو پلڙو ڳرو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، 50 سالن کان پاڪستان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڪندڙ برادرين جا نيڪ مرد هاڻي پ پ کي خدا حافظ ڪري جي ڊي اي ۾ شامل ٿي ويا، جنهن ۾ سيد، مجيداڻا، خاصخيلي، ٻٻر، بوزدار، سهتا، مري، ملوڪاڻي، جلالاڻي، لاکا، پڃارا، ڪوري، پٺاڻ، چنڊ، ٽالپر، ڪلوئي، ٿهيم، بروهي، چنڊيا، رند، حاجاڻا، ٻرڙا، لغاري، ابڙا، شر، لسڪاڻي ۽ اقليتي برادري جي ماڻهن سميت سوين برادرين پ پ کي الوداع ڪري جي ڊي اي جي اميدوارن کي پنهنجي خرچ تي گهرائي ڪارنر گڏجاڻيون سڏائي کين اجرڪون ۽ لونگين جا تحفا ڏئي، جي ڊي اي جي اميدوارن کي 8 فيبروري تي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ جا اعلانات ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. سڄي ضلعي ۾ ڪرندڙ ساک ڏسي پ پ قيادت مايوس ٿي وئي آهي.

اڳ ۾ ئي پ پ قيادت ضلعي سانگهڙ اندر ووٽرن کي متحد ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ ڪري سخت پريشان آهي، جڏهن ته سيٽن ورهائڻ تان پ پ ضلعي سانگهڙ جي اڳواڻن ۾ هڪٻئي خلاف ۽ پ پ قيادت جي غلط پاليسين خلاف ڪافي اميدوار ناراض ٿي آزاد اميدوار طور فارم ڀرائي اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار ٿيل آهن، ڪجهه اميدوارن کي ضلعي سانگهڙ جي چيئرمين شپ ڏيڻ سينيٽ ۾ سيٽون ڏيڻ جي آسرن تي هٿ کڻايو آهي، باقي ڪجهه اڳواڻن کي پ پ قيادت ضلعي سانگهڙ ۾ اڳواڻن کي مڃائڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري پڻ 2 دورا ڪري چڪا آهن، پر اڳواڻن کي ضلعي سانگهڙ اندر مڃائڻ ۾ ناڪام ٿي واپس مايوس ٿي ويا.

جڏهن ته سڄي ضلعي جي عوام پڻ پ پ کي سٺي موٽ ناهي ڏني، 2023 جي تازين برساتن ۾ پ پ ضلعي سانگهڙ جي چونڊيل نمائندن ضلعي سانگهڙ ۾ ٽڪي جو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو، برساتي پاڻي جو به نيڪال ڪرڻ لاءِ بهتر اپاءَ نه ورتا ويا، الٽو شاخن ۽ واهن کي ڪٽ هڻي مسڪين ماڻهن جي گهرن ۽ فصلن کي ٻوڙايو ويو هو، اهڙي عمل تي پڻ عوام کي وڏي ڪاوڙ آهي، برساتي ٻوڏ کان پوءِ ڀاڻ، ٻج ڏيڻ ۽ گهر ٺهرائي ڏيڻ جا واعدا ڪيا پر عوام کي ڪوبه رليف نه ڏنو ويو، هتان جا پ پ اڳواڻ ايندڙ رقم به غريب آبادگارن کي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، ٻوڏ دوران عوام لاءِ ايندڙ راشن، ٽينٽ، مال جو چارو بوھ، مڇردانين جي مد ۾ ايندڙ ڪروڙين روپين جي رقم عوام کي ڏيڻ بجاءِ پ پ جا اميدوار هڙپ ڪري ويا.

هن چونڊ دوران عوام جو چوڻ آهي ته هاڻي پ پ وارن کي ووٽ ناهي ڏيڻو، ان ڪري پ پ اڳواڻ زرعي زمينن جو پاڻي بند ڪرڻ، شاخون واھ بند ڪرڻ جون سرعام ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن جا وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائر ٿيندا رهيا آهن، اهڙين ڌمڪين کان پوءِ ضلعي سانگهڙ جي ساڃاھ وندن، برادرين جي نيڪ مردن ۾ پ پ جي اميدوارن مٿان ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، ڊيلي هڪ ٻه برادرين جا نيڪ مرد پ پ کي الوداع ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت ڪري رهيا آهن.

اهڙي طرح اين اي 209 تي پ پ جي اميدوار شازيا عطا مري، جي ڊي اي جي اميدوار وڏيرو محمد خان جوڻيجو وچ ۾ سخت مقابلو ٿيڻو آهي، سروي دوران جي ڊي اي جي اميدوار محمد خان جوڻيجو جو پلڙو ڳرو نظر اچي رهيو آهي، پي ايس 42 ڄام نواز علي تي جي ڊي اي جي اميدوار ڄام نفيس علي جي جيت نظر اچي رهي آهي، سندس سامهون بيٺل اميدوار ڄام شبير علي کي عوام پاران موٽ نه ملڻ ڪري هو مايوس نظر اچي رهي آهي، پي ايس 40 سانگهڙ تي جي ڊي اي جي اميدوار دستگير راڄڙ جو پلڙو ٻاري آهي، سانگهڙ تان پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪائونسلر چونڊي ايندڙ وڏو ووٽ رکندڙ جمعه خان اکڙوٽي جي ڊي اي ۾ شموليت ڪري ڇڏي. ان ڪري سندس سامهون پ پ اميدوار نويد ڏيرو جي کٽڻ جا امڪان گهٽ ٿيندا پيا وڃن. پي ايس 41 کپرو تي جي ڊي اي جي اميدوار قاضي شمس الدين راڄڙ جي پوزيشن مضبوط ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جڏهن ته اين اي 210 تي پ پ جي علاوءَ الدين جوڻيجو، جي ڊي اي جي سائرا بانو وساڻ ۾ سخت مقابلو ٿيندو. جڏهن ته پي ايس 44 شهدادپور تي جي ڊي اي جي اميدوار محمد بخش خاصخيلي ۽ پ پ جي اميدوار شاهد خان ٿهيم وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو، پ پ جي اميدوار شاهد خان ٿهيم جو تڪ جو عوام هر هنڌ گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي. ووٽر کانئس سخت قسم جا سوال جواب ڪري رهي آهي ته اسان جي لاءِ 15 سالن ۾ ڇا ڪيو اٿو، اهڙي طرح جي ڊي اي جي اميدوارن کي سرسي حاصل آهي، جڏهن ته پي ايس 43 ٽنڊوآدم تي پ پ جي اميدوار پارس ڏيرو ۽ جي ڊي اي جي اميدوار نياز حسين مري وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن، ورڪ دوران پ پ جي اميدوارن کان عوام سوال جواب ڪري ٿو. عوام جي سوال جوابن تي پ پ جا اميدوار عوام آڏو ترديدون ڪرڻ ۾ پورا آهن.

پ پ جا اميدوار عوام کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، جڏهن ته پ پ اميدوار پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ جي ڊي اي جي اميدوارن مٿان مختلف قسمن جا الزام هڻي رهيا آهن. ھوڏانھن جي ڊي اي جي اڳواڻن اهڙن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته پ پ پنهنجي شڪست ڏسي هاڻي اسان مٿان ڪوڙا منگهڙت الزام هڻي رهي آهي، جن ۾ ڪابه صداقت ناهي.

ضلعي سانگهڙ ۾ ڪجهه اهڙيون به برادريون مليون آهن، جن ٻنهي ڌرين کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پ پ جي اميدوارن تي ڪرپشن ۽ زرعي پاڻي بند هئڻ سبب مٿي تذڪرو ٿيل برادرين ووٽ نه ڏيڻ ڪري پ پ کي الوداع ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت ڪري ڇڏي آهي، اهڙي طرح ضلعي سانگهڙ ۾ جي ڊي اي جي اميدوارن جو پلڙو ٻاري ڳرو اچي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.