بدين ۾ اميدوارن جون ڊوڙن عوام ڏانهن تيزي سان وڌي ويون آھن، قومي اسيمبلي جي اين اي 222 تي پيپلز پارٽي جو اميدوار مير غلام علي ۽ جي ڊي اي جي اميدوار مير محمد بخش ٽالپر ۽ پي ايس 69 تي پيپلز پارٽي پاران مير الھبخش ۽ جي ڊي اي پاران ڊاڪٽر عبدالله ٽالپر وچ ۾ دنگل ٿيندو، جڏھن ته مختلف راڄوڻي اتحاد به ھن وقت گڏجي ويا آھن، جن مان اڪثريت ٻنھي پاسي ورھايل آھي، پي ايس 69 تي مولانا محمد عيسيٰ سمون جيڪو متحده مجلس عمل جو اميدوار ھو، پر ھن وقت ھٿ کڻي جي ڊي اي جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪري هن ورڪ تيز ڪري ڇڏي آھي، جنھن سان به پيپلز پارٽي کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پئجي وئي آھي، جنھن ۾ ٻنھي پارٽين جي ھڪ ٻئي جا حمايتي ٽوڙڻ وارو عمل به جاري آھي.
بدين ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ اليڪشن جي گرما گرمي اين اي 223 تي آھي، جتي جي ڊي اي ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوارن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيڻو آھي، هن تڪ تي پيپلز جو اميدوار حاجي رسول بخش چانڊيو ۽ جي ڊي اي جي جو اميدوار حسام مرزا آمهون سامهون آهن، جڏھن ته پي ايس 70 تي پيپلز پارٽي جو اميدوار ارباب امان الله ۽ جي ڊي جي اميدوار حسنين مرزا ۾ سخت مقابلو ٿيڻو آھي.
گذريل اليڪشن ۾ پي ايس 70 تي پيپلز پارٽي اندر پيدا ٿيل اختلافن سبب ۽ جمالي برادري جي عدم دلچسپي سبب پيپلز پارٽي کان مرزا گروپ اليڪشن کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا، پيپلز پارٽي جي ان ھاريل سيٽ کان پوءِ ھن وقت اربابن کي ان سيٽ تي آڻي کين ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پارٽي جي ضلعي قيادت کي فريال ٽالپر، علي حسن زرداري جي رھائشگاھ تي گھرائي نه رڳو ضلعي قيادت کي تنبيھ ڪئي آھي، پر کين سخت وارننگ پڻ ڏني آھي، ان کان پوءِ ڪجھ حد تائين پيپلز پارٽي ان سيٽ کي کٽڻ ۾ ڪوششون ورتيون آھن، پر ان جي باوجود پيدا ٿيل اختلاف مڪمل طور ختم ٿي نه سگھيا آھن.
پي ايس 71 بدين وارو تڪ به سخت مقابلي جي اندر اچي ويو آھي، جتي پيپلز پارٽي جي اميدوار حاجي محمد ملاح ۽ جي ڊي جي اميدوار وچ ۾ سخت مقابلو نظر اچي رھيو آھي، ان سيٽ تي پيپلز پارٽي کي وڌيڪ مشڪلاتون سامهون اچي رهيون آهن، پر اھي دشواريون به پيپلز پارٽي کي پنھنجن ماڻھن کان پھتيون آھن، پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ضلعي ناظم سردار ڪمال چانگ پارٽي پاران لفٽ نه ملڻ تي آزاد اميدوار طور پيپلز پارٽي جي اميدوار سامھون سندرو ٻڌي بيهي رھيو آهي، جڏھن ته ساڳئي طرح پيپلز پارٽي کي وڌيڪ ڌچڪو ڏيڻ لاءِ آزاد اميدوار انور ملاح به پيپلز پارٽي جي آڏو بيهي رھيو آھي، ٻنھي اميدوارن جيڪڏھن اليڪشن نه به کٽي ته به پيپلز پارٽي جا ووٽ ٽوڙڻ ۾ ڪا قصر نه پيا ڇڏين، اهي ٻئي اميدوار پيپلز پارٽي جي اميدوار جا ووٽ ٽوڙيندا. جيڪو فائدو وري به جي ڊي اي کي ٿيندو، جيڪا اڳ ۾ ئي اليڪشن ۾ دلچسپي وٺي رھي آھي، جيڪڏھن ٻنھي اميدوارن 10 کان 15 ھزار وٽ کنيا ته به اھي ووٽ سڌا سڌا پيپلز پارٽي جا ٽٽندا، جڏھن ته حاجي رسول بخش چانڊيو کي سرسي مليل آھي، انڪري جو حاجي رسول بخش چانڊيو ھن وقت ورڪ ۽ ناراض ماڻھن کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ويو آھي، سندس تيز ورڪ ۽ عوام سان ويجھڙاپ سڀني اميدوارن کان وڌيڪ آھي، تاج محمد ملاح به ھن وقت حاجي رسول بخش جي ورڪ کان پوءِ بھتري طرف نڪري ويو آھي، جتي تاج محمد ڪم ڪرائي نه سگھيو، انھن ماڻهن کي پرچائڻ ۾ وري حاجي رسول بخش چانڊيو مڪمل طور ڪامياب ويو آھي.
پي ايس 71 ۽ 70 تي جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ جا اميدوار به نظر اچن پيا، پر اصل مقابلا پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي وچ ۾ آھن، پي ايس 72 گولاڙچي تي وري پيپلز پارٽي پاران اسماعيل راھو کي نامزد ڪيو ويو آھي، جتي وري جي ڊي جي اميدوار سان سندس مقابلو آھي، امير آزاد پنھور جيڪو قومپرست ھن وقت سندس سامھون اليڪشن وڙھي رھيو آھي، سندس مقبوليت واضح نظر اچي پئي، امير آزاد مڪاني چونڊن ۾ به ڪائونسلر جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو ھو، پر ھن اليڪشن ۾ وري سامھون اچي ويو آھي، جڏھن ته پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي جي اميدوارن وچ ۾ به سخت مقابلو ٿيڻو آھي.
سخت مقابلا بدين ضلعي اندر پي ايس 69- 70 ۽ 71 تي ٿيڻا آهن، جتي جي ڊي اي ۽ پيپلز پارٽي ننھن چوٽي جا زور لڳائي رھيون آھن، جنهن جو فيصلو ته وري به عوام 8 فيبروري تي ڪندو. بدين ضلعي ۾ (693) پولنگ اسٽيشنن مان (246) انتھائي حساس ۽ (288) حساس قرار ڏنيون ويون آھن، ضلعي بدين ۾ (9) لک (37) ھزار (79) ووٽ رجسٽرڊ ٿيل آھن، ضلعي بدين جي آدمشماري (19) لک (47) ھزار آھي، ضلعي ۾ مردن لاءِ (126)، عورتن لاءِ جدا (112) ۽ (455) گڏيل پولنگ اسٽيشنون آھن.