ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ واقعن ۾ 4 ڄڻا قتل، 5 زخمي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا قتل، 2  ڄڻن جا لاش ھٿ آيا، فائرنگ ۾ عورت سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس ھڪ مقتول جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.  پي آءِ بي ڪالوني  ٿاڻي جي حد پراڻي سبزي منڊي جي علائقي شاھ زب ھوٽل ڀرسان ٻن ڌرين جي وچ ۾ جھيڙي جي دوران ڇرين جا وار  ڪري 20 سالن جي نوجوان عادل پٽ اشفاق کي قتل ڪيو ويو، پوليس موجب ھڪ شخص عادل کي ذاتي رنجش جي نالي تي خنجر جا وار ڪري قتل ڪيو، ايس ايس پي ايسٽ موجب عادل جي قتل ۾ ان جي زال ماريا جو اڳوڻو مڙس رياض ملوث نڪتو آهي جنهن کي ڳجهي اطلاع تي پراڻي سبزي منڊي وٽان فرار ٿيندي گرفتار ڪري ورتو آهي ، جوابدار رياض عرف راجو نوجوان کي ذاتي دشمني تان قتل ڪيو آهي، منگھوپير جي علائقي گرم چشما جي ڀرسان گھر مان 55 سالن جيشخص جو لاش ھٿ مليو، جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي جي علائقي پٽيل پاڙا مين گرين لائن بس اسٽاپ تي رڪشي مان 60 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش مليو، پاڪ ڪالوني ٿاڻي جي علائقي  پراڻا گوليمار ال حرمين ماربل جي ڀرسان نوراني مسجد لڳ ڦر جي دوران مذاحمت تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ناصر حيات ولد محمد فاروق ، ڪريم الله ولد درويش خان ۽ سعد فاروقي زخمي ٿي پيا ، موسيٰ ڪالوني ايس ٽي نمبر 3 ۾ گھر جي اندر ايندڙ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ آسما زال طارق زخمي ٿي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.