ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي طرفان 5 فيبروري تي ڪراچيءَ کان ڪشمور پوري سنڌ ۾ ڪشمير جو ڏهاڙو ملهايو ويو ان سلسلي ۾ ڪراچي، سکر، جيڪب آباد، ميرپورخاص ، نوابشاهه، جھڏو، ميرپورخاص، ڪنڌڪوٽ ، لاڙڪاڻو سميت شڪارپوربدين سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ڊگهڙي کان جھڏو تائين ڪڍيل موٽر سائيڪل ريلي کي خطا ب ڪندي چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي آهي، خوبصورت ڪشمير وادي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، عالمي ضميرتوڙي انسان حقن جا ادار خاموش تماشائي، اقوام متحدھ انڌي ٻوڙي ۽ گونگي بڻيل آهي، ڪشميرين جي جدوجهد ضرور هڪ ڏينهن رنگ لائيندي ڪشمير ماٿري تي آزادي جو سج ضرصر اڀرندو، ريلي کي صوبائي اڳوڻ افضال صديقي ، قومي ۽ صوبائي اسمبلي جي اميدوارن حنيف قائم خاني ۽ محمد طاهر جٽ پڻ خطاب ڪيو، ڪنڌ ڪوٽ ۾ گولا موڙ کان گھنٽا گھر چوڪ تائين رٿيل ڪشمير ريلي کي صوبائي اڳواڻ ۽ قومي اسمبلي جي 191 جي اميدوار حافظ الله چنا، صوبائي اسمبلي جي تڪ 04 جي اميدوار غلام مصطفي ميراڻي ، ايڊوڪيٽ عبدالله گولو خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير ۾ هڪ ڏينهن ظلم جي ڪاري رات ضرور ختم ٿيندي، جيڪب آباد ۾ جماعت اسلامي طرفان المرڪز اسلامي کان پريس ڪلب تائين ضلعي امير حاجي ديدار علي لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سکر ۾ ڊريها مقام کان گھنٽا گھر چوڪ تائين ڪشمير موٽرسائيڪل ريلي مقامي امير زبير حفيظ شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، ميرپور خاص ۾ سبزي منڊي چوڪ تي ڪشميري عوام سان ايڪتا لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي، بدين ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي جماعت اسلامي پاران کوسڪي روڊکان بدين پريس ڪلب/ايوان صحافت تائين ريلي ڪڍي وئي.