نواز ۽ زرداري دولت کان سواءِ ڪائونسلر به نه بڻجي سگهن ها: سراج الحق

لاهور(م ڊ)امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق  چيو آهي ته قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته شينهن جي صحيح جاءِ پڃرو آهي. مال روڊ لاهور تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي ريلي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته عالم اسلام جي بدقسمتي اها آهي ته ٻه ارب مسلمان هزارين ٽينڪن ۽ جهازن جي موجودگي باوجود ڪشميري ڀائر گذريل 76 سالن کان غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن نواز شريف ۽ زرداري وٽ ناجائز دولت نه هجي ها ته اهي ڪائونسلر نه بڻجي سگهن ها، هنن ڪراچي ۽ اندرون سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.