پنهنجي قوم ۽ ادبي برادري سان پير کڻڻ ڪير تاج جويي کان سکي

تاج جويي صاحب جي ادبي ۽ قومي خدمتن جو هڪ ڊگهو داستان آهي پر پاڻ اڄ سندس جنهن خوبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا سا آهي سندس سياسي، سماجي ۽ ادبي برادري سان هر سکئي ۽ ڏکئي وقت ۾ وقتائتو پير  کڻڻ، جنهن عمل ۾ هي شخص سڀني کان اڳڀرو ۽ نمايان نظر ايندو آهي.

هاڻي به رپورٽون آهن ته قومي دانشور عبدالواحد آريسر جي نياڻي اندرا کي جڏهن ڪنهن بااثر ڌرين طرفان حيدرآباد وارو فليٽ خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون مليون ته انهن خبرن ٻڌڻ کانپوءِ تاج جويو صاحب نه رڳو نياڻي وٽ پهچي کيس آٿت ڏني پر سندس تحفظ جو پڻ يقين ڏياريو. تاج جويي صاحب کيس ٻڌايو ته اسان توهان سان گڏ  آهيون، ڪير به اوهان کان فليٽ خالي ڪرائي نٿو سگهي ۽ نه ئي سندن ڌمڪيون برداشت ڪبيون.

تاج جويو صاحب ايئن ئي پنهنجي سنڌي برادري سان پير کڻندو رهيو آهي جيڪا خوبي کيس روايتي اديبن کان منفرد ڪري بيهاريندي آهي. اوهان ڏٺو هوندو ته سنڌ ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي احتجاج ۾ به تاج جويو وچ وچ ۾ نظر ايندو آهي. انهن نياڻين سان به ڌرڻن ۽ احتجاجن ۾ گڏيل بيٺل نظر آيو جن جا پيئر ۽ ڀائر کنڀي گم ڪيا ويا جن وارثن کي چچريل لاش ڏنا ويا تن جي تڏن تي به تاج جويو ئي سڀ کان اڳ ۾ پهتل نظر آيو. سنڌ جي حقن جي حوالي ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ به تاج جويو نمايان رهيو آهي.

ايئن هڪ سينئر اديب هئڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت  جي اڳواڻ طور به تاج جويو اديبن جي وفات ڪرڻ کانپوءِ سندن تڏن تي وڃي پهچندو آهي اديبن جي ٽيجهن، چاليهن ۽ هر سال ٿيندڙ ورسين ۾ به شريڪ ٿيندو. ايئن اديبن جي جنم ڏينهن تي رٿيل تقريبن، پروگرامن سيمينارن، ڪانفرنسن، ڪتابن جي مهورتن ۾ به تاج جويو ڀلي ڪٿي به هجي وقت تي پهچي ويندو.

پنهنجي قوم ۽ ادبي برادري سان ڏکئي توڙي سکئي وقت ۾ اهو شخص ئي اهڙو پير کڻي سگهي ٿو جيڪو پاڻ کي نه رڳو ان جو حصو سمجهندو هجي پر هڪ ذميدار فرد جي حيثيت ۾ پاڻ تي فرض به سمجهندو هجي. اهڙو پير اهو ئي کڻي سگهي ٿو. جيڪو اجتماعي مفاد کي سمجهندو هجي ۽ ان لاءِ عملي طور جاکوڙ ڪندو رهيو هجي.

سو تاج جويو صاحب انهن اديبن ۽ سياسي شخصيتن مان هڪ آهي جن جيڪو ڪجهه سوچيو آهي لکيو آهي. ڳالهايو آهي تنهن تي عملي طور به هلي ڏيکاريو آهي جيڪا سڀ کان ڏکي ڳالهه آهي. سوچڻ،  لکڻ، ڳالهائڻ ۽ تقريرون ڪرڻ ته سولو آهي پر عملي طور وک کڻڻ، قوم ۽ ادبي برادري سان وقتائتو پير کڻڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. تاج جويي صاحب ته انهن اديبن ۽ سياسي ماڻهن سان پير کنيو آهي جن سان سندس نظرياتي اختلاف به رهيا يا هڪٻئي جا مخالف سمجهيا ويا پر تاج جويي صاحب آن ريڪارڊ پنهنجو وڙ ڏيکاريو آهي ۽ سچائي توڙي خلوص جو مظاهرو پئي ڪيو آهي.

هن هر ان شخص کي مڃتا ڏني آهي ۽ ساڻ پير کنيو آهي جنهن کي هو سنڌ دوست، وطن دوست، عوام دوست ۽ ادب دوست سمجهيو آهي. سائين عبدالواحد آريسر سان ته سندس نظرياتي هم آهنگي هئي، قومي تحريڪ ۾ هڪٻئي جا ساٿي ۽ ويجها دوست رهيا سو تاج جويو پنهنجي ان عظيم دوست جي نياڻي کي ڀلا ڪيئن پيو اڪيلو ڪري سگهي. تاج ته اندرا جو پيءُ جهڙو چاچا آهي جيڪو ڏکي مهل ۾ پنهنجي ڀائيٽي جو ڀرجهلو بڻيو آهي. تاج جويي جون سياسي ۽ ادبي برادري سان کنيل اهي وکون يقيني طور تي اتساهيندڙ ۽ سکڻ وٽان آهن.

  • ووٽ ڏيڻ لاءِ عوام کي پرامن ماحول مهيا ڪريو

 

هاڻي جڏهن چونڊن ۾ باقي ٻه ڏينهن وڃي بچيا آهن، چونڊ مهم توڙي سياسي سرگرميون پوريون ٿيڻ تي آهن ۽ سياسي جماعتن جو سڄو زور 8 فيبروري تي چونڊ واري ڏينهن تي ووٽرن کي پولنگ اسٽيشنن ڏانهن آڻڻ تي هوندو ته خطرو آهي ته آخري انهن ڪجهه ڏينهن ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ نفرت جوڳي زبان استعمال ڪرڻ سان گڏ تشدد ۽ خوني عنصر نه شامل ٿي وڃي جيئن روايتي طور تي ماضي جي چونڊن ۾ ٿيندو رهيو آهي.

ان حوالي سان اسان ملڪ جي سڀني سياسي ۽ مذهبي جماعتن سان مخاطب ٿي کين گذارش ڪيون ٿا ته چونڊن کي زندگي ۽ موت جو سوال نه بڻائجو ۽ نه ئي کٽڻ ۽ هارائڻ کي ڪا وڏي جنگ سمجهو، جمهوري روح جي به اها تقاضا هوندي آهي ته هر سياسي جماعت جي سياست ڪرڻ واري حق کي تسليم ڪيو وڃي ۽ سڀني کي خاص ڪري چونڊن ۾ پنهنجو پنهنجو سياسي منشور پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ڏٺو وڃي ته اصل مقصد به اهو ئي هوندو آهي ته چونڊن ۾ هر ڪنهن سياسي جماعت کي پنهنجو پروگرام يعني منشور عوام آڏو پيش ڪرڻ هوندو آهي. اصل مقابلو به سٺو، سگهارو ۽ عوام کي متاثر ڪرڻ وارو منشور پيش ڪرڻ جو هوندو آهي.

سو سياسي اڳواڻ بجاءِ انجي ته چونڊ مهم ۾پنهنجو منشور عوام ڏانهن کڻي وڃن، اهي هڪٻئي خلاف نفرت جوڳي زهريلي زبان استعمال ڪن ٿا، هڪٻئي جي ڪارڪنن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ مارائڻ تي پنهنجي توانائي ضايع ڪن ٿا.اهوسڀ ٻڌائڻ ئي اصل ۾ چونڊ مهم جو مقصد آهي پر اسان جو جماعتون پروگرام ٻڌائڻ ۽ ان بنياد تي ووٽرن جون دليون کٽڻ بدران نفرت ۽ پرتشدد سياست جو رستو اختيار ڪنديون رهيون آهن جنهن سبب چونڊن ۾ هميشه ڇڪتاڻ رهي آهي، جهيڙا فساد ۽ قتل غارت ٿيندي رهي آهي جنهن جو هڪ ڳڻتي جوڳو نتيجو اهو نڪتو آهي جنهن بابت اڃا تائين  اسان جي سياسي جماعتن سنجيدگي سان ناهي سوچيو سو اهو آهي ته ان ماحول سان عوام اندر خوف جو ۽ پنهنجي جان جي خطري جو خدشو وڌي ويندو آهي تنهن ڪري انهن جو پوءِ چونڊن ۾ حصو وٺن تان ئي ارواح کڄي ويندو آهي ۽ ان تلخ حقيقت جو اندازو گذريل چونڊن جي ٽرن آئوٽ مان لڳائي سگهو ٿا ته هر نئين چونڊن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ گهٽ کان گهٽ ئي ٿيندو رهيو آهي. تنهن ڪري سڀني سياسي جماعتن کي گذارش آهي ته چونڊن ۾ عوام کي ووٽ وجهڻ لاءِ پرامن ماحول مهيا ڪري ڏيڻ به اوهان جي ذميواري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.