ميھڙ (ن ع آ) ميهڙ ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي وارث ۽ سنڌ جي بهادر نياڻي ام رباب چانڊيو پنهنجي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مان اوهان کي گذارش ٿي ڪريان ته اوهان پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪيو توهان ۽ اسان جو ووٽ وڏيرن جاگيردارن ، سردارن کي طاقتور بڻائي ٿو ھن چيو ته 15 سالن ۾ سنڌ ڪهڙي ترقي ڪئي آهي آزمايلن کي نه آزمايو ، پنهنجي ووٽ ڏيڻ وقت اهو خيال ڪيو ته ووٽ سان ايندڙ نسلن جي بقا آهي انهن جي بقا، بچاءُ ۽ نقصان کان بچڻ لاءِ ووٽ لاءِ انهن ساڳين ماڻڻهن کي نه آزمايو اوهان جي ووٽ جي وڏيرن کي خبر نه پوندي ان ڪري اوهان وڏيرن کي ووٽ نه ڏيو ووٽ جو صحيح استعمال ڪري حقدار کي ووٽ ڏيو جيڪو وڏيرن ۽ جاگيردارن خلاف هجي ان کي ووٽ ڏيو.