گهوٽڪي(ڊ ر)گهوٽڪي ۾ ساوند سندراڻي تڪرار جو خاتمو نه ٿي سگهيو، ڪجھه ڏينهن جي خاموشي بعد ٻيهر هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو،هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ ساوند برادري جو هڪ ڄڻو قتل،ٻن معصوم ٻارڙن سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، گهوٽڪي ۾ ساوند سندراڻي تڪرار ڪجھ ڏينهن جي ٺاپر بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنيو آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ساوند سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن جو ڳوٺ يار محمد ساوند تي فائرنگ هٿيارن جي منهن کولي ڇڏيا ٽن ڪلاڪن جي فائرنگ ۾ نوجوان ٻيلو پٽ ناٿو ساوند مارجي ويو ۽ هٿياربندن جي حملي ۾ ٻن معصوم ٻارڙن ۽ عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ 40 سالن جي مسمات ممتاز ساوند، 13 سالن جي نينگري زلفت ۽ 10 سالن جو نينگر محمد علي ساوند زخمي ٿي پيا، اطلاع تي حد جي پوليس پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪرايو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين کي نازڪ حالت ۾ سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب ساوند سندراڻي تڪرار تان رات دير تائين ساوند برادري ۽ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ هلندي رهي گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ ٽي زخمي ٿيا آهن، وڌيڪ واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.