اسان ڏکڻ پنجاب جي محرومين جو خاتمو آڻينداسين: آصفه ڀٽو

صادق آباد (م ڊ) شهيد بينظيرڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ڏکڻ پنجاب محرومين جو خاتمو آڻينداسين، اسان عوام جي  خدمت ڪئي آهي، آصفه ڀٽو زرداري طرفان پ پ اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ چونڊ مهم جاري آهي، صادق آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو چيو ته اسان ڏکڻ پنجاب جي محرومين جو خاتمو آڻينداسين، هن چيو ته جڏهن ٻوڏ آئي هئي ته لاهوري سياستدان نه بلاول ڀٽو اوهان جو گڏ هو، پيپلز پارٽي رڳو گهر ڏيندي آهي، ٻيون پارٽيون گهر کسينديون آهن، اسان وفاق ۾ حڪومت ٺاهي ته عوام کي 30 لک گهر ۽ 300 يونٽ بجلي مفت ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.