ايم ڪيو ايم جي مئل گهوڙي کي زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: مراد شاهه

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان کي تنقيد جو نشانو   نائيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ مئل گهوڙو بڻجي چڪي آهي، خوراڪ ڏئي کيس ٻيهر زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته اليڪشن جي موجوده صورتحال ۾ هڪ ئي اڳواڻ آهي جيڪو سموري پاڪستان ۾ جلسا ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري واحد اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي پروگرام ۽ پنهنجي سوچ عوام کي ٻڌائي رهيو آهي، ٻيا ته اڃان تائين ماضي ۾ ڦاٿل آهن ته اسان کي ڇو ڪڍيو ويو، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ مئل گهوڙو بڻجي چڪي آهي. ان کي خوراڪ ڏئي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايم ڪيو ايم اها پارٽي آهي جيڪا هڪ هنڌ نه رهندي آهي عوام  ان کي ووٽ ڏئي جيڪا اوهان جو ووٽ ضايع نه ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.