ڪراچي(م ڊ) شهداد ڪوٽ مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 197 جي ريٽرننگ آفيسر اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم (اي ايم ايس) جي ڪارڪردگي تي سنگين سوال اٿاريا.رٽرننگ آفيسر اين اي 197 شهداد ڪوٽ پاران ضلعي رٽرننگ آفيسر کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پولنگ عملي جا تفصيل اي ايم ايس تي اپ لوڊ ڪرڻ کانپوءِ اي ايم ايس تي اڳ اپ لوڊ ڪيل پولنگ عملي جا نالا غائب هئا.آر او لکيو ته اي ايم ايس سسٽم تي سنگين سوال اٿاريا ويا آهن، يا ته اي ايم ايس سسٽم ناڪام ٿي رهيو آهي يا ڪو ٻيو ان کي ڪنٽرول ڪري رهيو آهي،اي ايم ايس تي خدشن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا کي ٻڌايا پر ڪو هاڪاري جواب ناهي آيوخط ۾ چيو ويو آهي ته اي ايم ايس آساني بدران ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي، اهڙي صورتحال سان عام چونڊن جي شفاف انعقاد ۾ مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون.جيڪڏهن معاملو حل نه ٿيو ته مان ذميوار نه آهيان،رٽرننگ آفيسر چيو ته اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم آساني بدران مشڪلاتون ۽ سر درد پيدا ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو ته مان ذميوار نه آهيان.ريٽرننگ آفيسر اين اي 197 جي خط جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن چيو آهي ته گذريل ڏينهن اي ايم ايس ٽريننگ مشق ۾ سمورن آر اوز ڪاميابي سان پنهنجا فارم اپ لوڊ ڪيا.ڪنهن به آر او جي شڪايت سامهون ناهي آئي،آفيسرن جو چوڻ آهي ته چيف سيڪريٽري ۽ پي اي سي موجب تربيتي مشق ۾ ڪنهن به آر او کي شڪايت نه ڪئي، پولنگ عملي جا تفصيل اپ لوڊ ڪيا ويا آهن، گذريل ڏينهن تربيتي مشق ۾ پولنگ عملي جا تفصيل اپ لوڊ نه ڪرڻا هئا يا ريٽرننگ آفيسر آءِ ٽي کان بلڪل اڻ واقف آهي يا ڪا شرارت ڪئي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن وٽ تربيت يافته اضافي آراوز به آهن جن جون خدمتون وٺي سگهجن ٿيون