نوازشريف جو ننڍن صوبن ڏانهن ناڪاري پيغام، مستقبل ۾ به سياسي بحران برقرار رهندو؟

لاهور(عوامي آواز نيوز)وزارت اعظمي جي مضبوط اميدوار نواز شريف جو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ چونڊ مھم نه ھلائڻ ان ڳالھه طرف واضح اشارو آھي ته نئين حڪومت ٺھڻ سان ڪا به مثبت تبديلي ايندي نظر نٿي اچي ۽  ملڪي ڪاروھنوار پنھنجي تسلسل سان ايئن ئي  ھلندو رھندو، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام وڌندو ۽ سياسي توڙي معاشي بحران  برقرار رکندا، ڇا ڪاڻ ته چونڊن جو رزلٽ اڳ ۾ ئي طئي ٿي چڪو آھي ۽ ملڪ جي وزيراعظم جو نالو پڻ فائنل ٿي چڪو آھي.سينئير تجزئي نگار امداد سومري پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته نواز شريف، جيڪو وزارت اعظمي جو مضبوط اميدوار آھي، ان جو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ھڪ به چونڊ جلسو يا ڪارنر گڏجاڻي نه ڪرڻ سان ننڍن صوبن جي عوام ڏانھن منفي پيغام ويو آھي، جنھن سان سندن احساس محرومي وڌندي.ھن وڌيڪ چيو ته نواز ليگ سميت تمام سياسي پارٽين کي گھرجي ته سنڌ خاص طور تي بلوچستان جي ماڻھن کي سياسي طور گڏ کڻي ھلن ۽ کين ان ڳالھه جو احساس ڏيارين ته اوھان اسان جو حصو آھيو ۽ اوھان جو ووٽ اسان جي لاءِ وڏي اھميت رکي ٿو، پر نواز ليگ بلوچستان ۾ ھڪ به چونڊ جلسو نه ڪري بلوچن جي احساس محرومي ۾ واڌارو ڪيو آھي، جن جون نياڻيون ٻن مھينن کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ اسلام آباد جي روڊن تي ويھي ويھي آخرڪار مايوس ٿي خالي موٽي آيون. امداد سومري چيو ته چونڊن کان پوءِ ملڪ ۾ ڪجھه به تبديل ٿيندي نظر نٿو اچي.ايندڙ چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيندا ۽ گڏيل حڪومت ٺھندي، جنھن جي اڳواڻي نواز شريف ڪندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.