بلوچستان ۾ برساتن بعد ٻوڏ جي وهڪرن ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا

حب (يار محمد بروهي) بلوچستان ۾ طوفاني برساتن بعد آيل ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي،  اورماڙا جي علائقي بسول ۾ کهور دان، مير چاڪر ڳوٺ،  مير پٺاڻ ڳوٺ، بودو ڳوٺ ۽ ٻيا علائقا ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن. پاڪ فوج جي جوانن ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان متاثر علائقن ۾ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بروقت بچايو ويو. پاڪ فوج ۽ ضلعي انتظاميا پاران متاثر علائقن ۾ کاڌ خوراڪ جون شيون پهچايون ويون آهن. مقامي ذريعن موجب بسول ۾ ٻوڏ جي وهڪرن سبب متاثر ٿيندڙ علائقن ۾  ولي داد ڳوٺ، حيدر ڳوٺ ۽ کپري ڳوٺ ۾ ڦاٿل ڪيترن ئي ماڻهن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن جو رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويو آهي. ٻئي پاسي يونين ڪائونسل بسول جي وائيس چيئرمين مير عالم خان بزنجو جو چوڻ آهي ته متاثر ڳوٺ مڪمل طور متاثر ٿي ويا آهن. انتظاميا موجب حب ندي وٽان ٻوڏ وهڪرو گذرڻ سبب متبادل رستو ٽريفڪ لاءِ معطل ٿي ويو آهي.ڪراچي وڃڻ لاءِ شهري حب بائي پاس جو استعمال ڪن ٿا.  ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي معظم خان چيو آهي ته  بلوچستان جي ساحلي علائقي مالان ڳوٺ ۾ برساتن سبب ماهيگيرن جي ٻيڙين ۽ گهرن کي سخت نقصان رسيو آهي،  تازو طوفاني برساتن ڪوسٽل هاءِ وي کي نقصان پهچايو آهي، مالان واسي ماهيگيرن جو چوڻ آهي ته مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي ٽريفڪ متاثر ٿي آهي،  ساحلي شهر جي ويجهو هڪ ننڍي درياهه ۾ ٻوڏ آئي آهي. معظم خان موجب ماهيگيرن جون 40 سيڪڙو مڇي مارڻ واريون ٻيڙيون تباهه ٿي ويون آهن.  ماهيگير برادري پي ڊي ايم اي کي اپيل ڪئي ته سندن ٻيڙين جي مرمت ۾ مدد ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.