اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ ڀارت طرفان ڪشمير تي غاصباڻي قبضي کي 76 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ۽ سيمينار ڪوٺائي ڀارت جي ظلمن کي دنيا آڏو وائکو ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان ۽ ڪشمير کي ملائيندڙ شاهراهه ڪوهالا پُل تي هٿن جي زنجير ٺاهي وئي، ان موقعي اهم شخصيتون موجود هيون.
اسلام آباد ۾ پرڏيهي کاتي کان پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ۽ ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ وفاقي وزيرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ سائرن وڄايا ويا.
صدر پاران ڪشمير ڏهاڙي تي خاص پيغام
ڪشمير ڏهاڙي بابت پنهنجي خاص پيغام ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو منصفاڻو حل اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو رهندو.
صدر چيو ته پاڪستان، ڪشميرين جي حقِ خود اراديت حاصل ٿيڻ تائين ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو پيغام
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪشمير ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ عالمي برادري جي زور ڏيندي چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن پٽاندڙ ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ گهرجي.
پاڪ فوج جو پيغام
ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار جو ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج طرفان به ڪشميرين کي سندن عزم ۽ دليراڻي جدوجهد تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪشميري عوام بهادري سان غير انساني لاڪ ڊائون جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ڪشمير 1948ع کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي هڪ ڊگهي عرصي کان التوا طلب مسئلو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪشمير مسئلو عوام جي اميدن موجب ۽ حقِ خوداراديت لاءِ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي، آزادي جي دليراڻي جدوجهد سان ڪاميابي ڪشميري عوام جو مقدر آهي.
You might also like