مري (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد ميان نواز شريف پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سزا ۽ نااهلي جي قدرت جو جواب قرار ڏئي ڇڏيو.
مري ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته هو 1950ع ۾ پيدا ٿيو ۽ پهريون ڀيرو مري 1956ع ۾ آيو، 1985ع ۾ وڏو وزير بڻيو ته سڀ کان پهرين پنڊي مري ميٽل روڊ ٺهرايو، مري جي هر رستي کان واقف آهيان.
نون ليگ قائد چيو ته نواز شريف کي ڪڍڻ وارو تاحيات نااهل ٿي چڪو آهي ۽ نواز شريف عوام جي آڏو بيٺو آهي، جنهن مون کي ڪڍيو هو اڄ اهو پاڻ استعيفيٰ ڏئي گهر هليو ويو، اِهو همراهه اٺ مهينن کانپوءِ چيف جسٽس بڻجڻ وارو هو اڄ گهر وڃي رهيو آهي، تاحيات نااهل ڪيو ويو پر اڄ اوهان جي سامهون بيٺو آهيان.
اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته سندن دور ۾ ماني، گيهه، پيٽرول سڀ ڪجهه سستو هو ته پوءِ اوهان کيس ڇو ڪڍيو ويو، سندس جاءِ تي جنهن کي آندو ويو اهو چوندو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندس، ڇا ڪنهن کي نوڪري ملي؟ اِهي آنا ۽ ڪڪڙ ڪيڏانهن ويا؟ رڳي ڪوڙ ڳالهايو ويو.
نواز شريف وڌيڪ چيو ته چون ٿا نوجوان طبقو انهن سان گڏ آهي، پر سڀ نوجوان ته هتي اسان سان گڏ آهن، نون ليگ پاڪستان کي ٻيهر تعمير ڪندي.
You might also like