ڊي آءِ خان: دهشتگردن جو ٿاڻي تي حملو، 10اهلڪار شهيد، 6زخمي

ڊيرا اسماعيل خان ( ويب ڊيسڪ ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي ۾ 10 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان ڊي آءِ خان جي تعلقي درابن جي چوڌوان ٿاڻي تي دهشتگردن حملو ڪيو.
پوليس موجب، دهشتگردن جي حملي ۾ ڊيوٽي تي موجود 10 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾ محمد اسلم، غلام فريد، محمد جاويد، محمد ادريس، محمد عمران، منصور، اي ايس آءِ ڪوثر، احترام سيد، رفيع الله ۽ حميد الحق شامل آهن.
پوليس موجب، زخمين جي سڃاڻپ احمد حسين، اڪبر زمان، عنايت الله، سهراب خان، ابراهيم ۽ نصيب خان طور ٿي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ذريعن موجب، واقعي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز اعجاز شهيد پوليس لائين ۾ ادا ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.