ڀِڳل اخروٽ کائڻ ڇو ضروري آهي؟ وڏا فائدا

اخروٽ جي ڳڻپ خشڪ ميون ۾ ٿيندي آهي ۽ ان کي سياري جي سوغات مڃيو ويندو آهي ان ڪري ان جو استعمال به سياري ۾ وڌيڪ ڪيو ويندو آهي.

دماغ جهڙي شڪل جهڙو نظر ايندڙ اخروٽ پنهنجي اندر اڻڳڻيا فائدا رکي ٿو پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته ڀِڳل اخروٽ جو استعمال وڌيڪ فائديمند آهي؟

ماهرن موجب صبح جو نيرن ۾ ڀِڳل اخروٽ جو استعمال جسم تي حيران ڪندڙ اثر وجهي ٿو.

هاضمي جي نظام لاءِ بهترين

رات جو ڀڄايل اخروٽ يا ڪو به خشڪ ميوو پنهنجا فائدا ٻيڻا ڪري ڇڏيو ٿو ڇو جو رات سڄي رات پاڻي ۾ هجڻ سبب اخروٽ ۾ موجود انزائمز فعال ٿي وڃن ٿا جيڪي هاضمي جي نظام لاءِ بهترين قرار ڏنا ويندا آهن.

غذائي جُز

خشڪ ميوا ۽ ٻِج ڀڄائڻ سان انهن جا غذائي جُز وڌي ويندا آهن ڇو جو اهي ميوا نرم ٿيڻ سبب جلد هضم ٿي ويندا آهن ۽ جسم تي تيزي سان اثر وجهندا آهن.

توانائي وڌائي

خشڪ ميون ۽ ٻجن ۾ فيٽس، پروٽين ۽ فائبر جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي جيڪو جسم کي سڄو ڏينهن توانائي فراهم ڪندا آهن پر ڀِڳل اخروٽ کائڻ سان جلدي توانائي ملندي آهي ڇو جو اهڙا ميوا جلد هضم ٿي ويندا آهن.

جسم مان خشڪي گھٽائي

سڄي رات ڀڄائي رکڻ سان اخروٽ پاڻي کي جذب ڪري وٺندو آهي جنهن کان پوءِ ان جو استعمال اوهان جي جسم ۾ پاڻي جي سطح وڌائي سگھي ٿو، ماهرن موجب پاڻي جي سطح جسم ۾ برابر هجڻ سان جسم جا سمورا عضوا بهتر طور تي ڪم ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.