ميهڙ:سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ، پيءُ قتل، پٽ زخمي

ميھڙ( رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ڀرسان پوليس پوسٽ سنڌي ٻٽڙا جي حد ڳوٺ باگو جلباڻي ۾ شر ۽ جلباڻي برادري ۾ ھلندڙ سڱاوتي  تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر ڀڙڪي پيو ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 60 ورھين جو پيرسن صدورو جلباڻي مارجي ويو جڏھن ته گوليون لڳڻ سبب مقتول صدورو جلباڻي جو پٽ رحيم جلباڻي زخمي ٿي پيو فوتي شخص جو لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو پوليس موجب ابتدائي اطلاعن موجب شر ۽ جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پسند جي پرڻي تان تڪرار ھلندڙ ھيو جنھن تان ڪجھ مھينا اڳ خير محمد شر کي قتل ڪيو ويو ھيو ۽ بعد ۾ ناري ثمينه جلباڻي پڻ قتل ٿي چڪي آھي جڏھن ته واقعو پلاند طور ڪرڻ جو ٻڌايو پيو وڃي مقتول پيرسن جي پٽ عبدالجبار جلباڻي ٻڌايو ته کوسا برادري جا ماڻھو سھڻو کوسو ، عطر کوسو ، وزير کوسو اسان جي اوطاق تي آيا جن اچي بابا ۽ منھنجي ڀاءُ کي ٻاھر گھرايو جنھن کان پوءِ اڙ ڏئي ويٺل شر برادري جي ھٿياربندن وحيد ، مبارڪ ،ميھر ۽ ڄام شر جنھن فائرنگ ڪري منھنجي پي کي ماري ۽ ڀاءُ کي مرڻينگ ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آھن ھن چيو ته اسان جو شر برادري سان سڱاوتي معاملو ھلندڙ ھيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.