ڪراچي ٻڌائي ڇڏيو بيٽ، لغڙ ۽ تير جو نه ڪرين جو وارو آهي: سعد رضوي

ڪراچي ( م ڊ)   تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سربراهه سعد رضوي چيو آهي ته ڪراچي وارن ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻي بيٽ، پتنگ ۽ تير جي نه پر ڪرين جي واري آهي. باغ جناح ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سعد رضوي چيو ته خراب موسم ۾ به جلسو پيغام آهي ته ملڪ ۾ محمد عربيءَ جو نظام قائم رهندو، هي جلسو انهن لاءِ پيغام آهي ته هر ظلم جي پڃاڻي ٿي رهي آهي، جيڪي 76 سالن کان حالتون بد کان بدتر پيا ڪن انهن لاءِ پيغام آهي. سعد رضوي چيو ته ملڪ ڪرپشن، بدامني ۽ غربت جي دٻڻ ۾ دٻجي ويو آهي. سعد رضوي چيو ته تحريڪ لبيڪ پنهنجي قائد خادم حسين رضوي جي منشور تي اليڪشن وڙهندي آهي،  هنن چيو ته اسان اهي نه آهيون جن جي بزرگن انگريزن کان ملڪيتون کسيون، اسان انهن جا اولاد آهيون جن انگريزن جا ظلم برداشت ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.