ووٽن جو خريد وڪرو: پ پ ۽ نواز ليگ اميدوارن کي نوٽيس

لاهور(م ڊ)اليڪشن ڪميشن اين اي 127 لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار عطا الله تارڙ ۽  پيپلز پارٽي جي صوبائي اسيمبلي جي اميدوار ميان مصباح الرحمان کي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻنهي کي ووٽن جي خريد و فروخت ۽ پارٽي آفيس تي حملي جي الزام ۾ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ضلعي مانيٽرنگ آفيسر ٻنهي اميدوارن کي 5 فيبروري تي دستاويزي ثبوتن سميت طلب ڪري ورتو آهي.ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت پاران رپورٽ جمع ڪرائڻ ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.اليڪشن ڪمشنر پنجاب ڊپٽي ڪمشنر لاهور کي فوري ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

عمران خان سياسي نه پر ڪرمنل قيدي آهي: نثار کهڙو

ميرو خان (رپورٽ: صفدر علي تنيو) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار  کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي ملڪ ۾ سياسي قيدين جي موجودگيءَ جي حامي ناهي پر عمران خان سياسي نه پر ڪرمنل قيدي آهي، ميروخان ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۽ بٺي بهرام ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته عمران خان تي ڪيس سياسي نه پر اسٽيٽ پاران توشه خانه چوري ۽ 9 مئي جي واقعن تي داخل آهن ان لاءِ هو سياسي قيدي تصور نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو بيٽ نشان واپس ٿيڻ جو الزام ڪنهن سياسي جماعت تي نه ٿو وجهي سگهجي، هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عمران خان پاران چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان هاڻي ڪو فرق نه ٿو پوي ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ بطور سياسي جماعت بيٽ نشان واپس ٿيڻ کان پوءِ چونڊن جي ريس مان آئوٽ ٿي چڪي آهي جنهن جو ذميوار عمران خان ۽ سندس غيرجمهوري سوچ آهي. هن چيو ته چونڊن کان پوءِ هن ڀيري ملڪ جو وزيراعظم لاهور مان نه پر لاڙڪاڻي مان ٿيندو ڇاڪاڻ ته بلاول ڀٽو زرداري هڪ نئين سوچ ۽ عوامي منشور سان ميدان ۾ آهي.

نالين جي پاڻي بابت سوال ڪرڻ تان ن ليگ اميدوار جو ووٽر تي تشدد

لاهور (م ڊ) ن ليگ جي ووٽر کي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شيخ روحيل اصغر کان سوال ڪرڻ ڏکيو پئجي ويو، ن ليگ اڳواڻ ووٽر تي تشدد به ڪيو ۽ گاريون به ڏنيون. تفصيلن موجب قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 121 تان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار شيخ روحيل اصغر جي ووٽر کي چماٽ وهائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ليگي ووٽر مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ کي شڪايت ڪئي ته اسان جي گهٽين ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري بيماريون پکڙجي رهيون آهن ۽ ٻارڙا بيمار ٿي پيا آهن، ان ڪري گندي پاڻي جو نيڪال ڪيو وڃي. شيخ روحيل اصغر ووٽر کي چماٽون هنيون ۽ گاريون پڻ ڏنيون ۽ پوءِ گهر جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.