برسات پيپلز پارٽي جي پت وائکي ڪري ڇڏي : مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (م ڊ) متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته  گذريل ڏينهن شهر ۾ برسات پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي جي ڀت وائکي ڪري ڇڏي آهي،  ثابت ٿي ويو ته ڪراچي شهر ۾ ملڪ دشمن حڪومت آهي. ڪراچي پاڪستان هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال شهر ۾ برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته پيپلزپارٽي شهر ۾ جيڪڏهن ڪم ڪري ها ته عوام اسان کي رد ڪري ها، ڪراچي جو جعلي مينڊيٽ وٺي اسان تي مڙهيا ويا آهن، ايئن پيو لڳي اسرائيل فلسطين ۾ نه پر ڪراچي تي بمباري ڪري رهيو آهي. مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته مشرف جڏهن پئسا ڏيندو هو ته ڪم ٿيو، هن رڳو 300 ارب سان شهر جي شڪل بدلائي ڇڏي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي به پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ هڪ ڪلاڪ جي برسات کانپوءِ تباهي مچائي وئي، ثابت ٿي ويو ته ڪراچي مخالف حڪومت شهر ۾ موجود آهي. خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي مدد لاءِ سڏيندو رهيو، ڪالهه اربين جي اشتهاري مهم هلائيندڙ ڪٿي هئا، 15 سالن کان حڪمراني ڪندڙ سڄي رات ننڊون ڪندا رهيا، ڪراچي مدد لاءِ سڏيندو رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.