پي ايس ايل 9 جي تراني جو نالو سامهون اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي نائين سيزن جي شروعات 17 فيبروري تي ڇنڇر کان شروع ٿي رهيو آهي جڏهن ته جلد ئي ڪرڪيٽ ليگ جو آفيشل ترانو به رليز ٿيڻ وارو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ راڳي علي ظفر سميت پي ايس ايل جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان تصديق ڪئي وئي آهي ته نائين سيزن جو آفيشل ترانو علي ظفر ۽ آئمه بيگ ڳائيندي.
ان ڏس ۾ پي ايس ايل جي انسٽاگرام پيج تي ڪالهه پوسٽ پڻ شيئر ڪئي وئي هئي جنهن ۾ تراني جي عنوان جي نالي بابت اندازو لڳائڻ جو چيو ويو هو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Pakistan Super League (@thepsl)


هاڻي علي ظفر ٻڌايو ته ڀيري گيت جو ٽائٽل ” کُل ڪي کيل “ آهي جيڪو جلد رليز ڪيو ويندو.


واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو نائون ايڊيشن 17 فيبروري کان شروع ٿيندو ، ميگا ايونٽ جو فائنل ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ 18 مارچ تي ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيديم ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.