ناليوارو قانوندان جسٽس (ر) رشيد اي رضوي مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي (رپورٽر) مشهور قانوندان جسٽس (ر) رشيد اي رضوي جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ چيف جسٽس سميت اهم شخصيتن  شرڪت ڪئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج ۽ سينيئر قانوندان جسٽس رٽائرڊ رشيد اي رضوي جي جنازي نماز ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ ادا ڪئي وئي، چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ به شرڪت ڪئي، جج ۽ سينيئر قانوندان جسٽس رٽائرڊ رشيد اي رضوي جي جنازي نماز ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ واقع امام بارگاهه يثرب ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز بعد رشيد اي رضوي جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج جي جنازي نماز ۾ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ، نگران سنڌ جي وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. رشيد اي رضوي ڪلفٽن جي نجي اسپتال ۾ 77 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.