پ پ سنڌ جي عوام کي ٻن ويلن لاءِ پريشان ڪري ڇڏيو آهي: صفدر عباسي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جي ڊي اي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ اين اي 195 جو اميدوار ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ پي ايس 13 جو اميدوار جي يو آءِ اڳواڻ نصير احمد ڀٽو پنهنجي چونڊ مهم کي تيز ڪندي گذريل ڏينهن آريجا شهر پهتا، جتي علائقي واسين طرفان سندن مٿان گل نڇاور ڪندي شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي منعقد ڪيل گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته سمجهي رهيو آهيان ته توهان جا علائقا کنڊرات ۾ تبديل ٿيل آهن، نه ڊرينيج سسٽم آهي ته نه ئي روڊ رستا ٺهيل آهن ۽ نه ئي ڪو اسڪول تعمير ٿيل آهن، سنڌ مٿان مسلسل حڪمراني ڪندڙ بگهڙن توهان جا سمورا حق هڙپ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن لاءِ توهان اسان جو ساٿ ڏيو انشاءَ الله انهن بگهڙن مان توهان جي جان ڇڏائي حق ڏياريا ويندا. هن چيو ته پ پ سنڌ سان اهو حشر ڪيو آهي جو صوبي جو عوام هڪ ويلي جي ماني کائڻ کان به محروم لڳو پيو آهي. جي يو آءِ اڳواڻ نصير احمد ڀٽو چيو ته سن 1970ع کان وٺي سال 2023ع تائين پيپلز پارٽي سنڌ مٿان حڪومت ڪندي آئي آهي، پر جڏهن ٻوڏ آئي ته ٻوڏ جا فنڊ به هڙپ ڪري ويا، سنڌ مٿان پيپلز پارٽي بدترين حڪمراني ڪندي صوبي جي عوام کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.