سنڌ ۾ چونڊن کان اڳ ئي فوج مقرري جو اعلان،موبائل سروس بند نه ٿيڻ گهرجي: احمد شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءَ ، اقليتي معاملن۽ سماجي تحفظ واري نگران وزير ۽ آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه چيو آهي ته عام چونڊن جي حوالي سان مونجهارا هئا، جيڪي هاڻي ختم ٿي ويا آهن.  چونڊون 8 فيبروري تي ٿي رهيون آهن ، ان سلسلي ۾ ڪور ڪمانڊرز ۽ اليڪشن ڪميشن جي وچ ۾ ملاقاتون به ٿيون آھن،  سموريون صوبائي حڪومتون چونڊون ڪرائڻ لاءِ مڪمل تيار آهن،  پاڪ فوج 5 فيبروري کان 10 فيبروري تائين حساس پولنگ اسٽيشنن تي مقرر هوندي.هن اها ڳالهه  سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊن سميت امن امان جي صورتحال بابت پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي . ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي هدايتن مطابق جن تيارين جي ضرورت هئي ان تي عمل جاري آهي. پولنگ اسٽيشن تي موجود  پرزائيڊنگ آفيسر گهر نه ويندا. پولنگ اسٽيشنن تي مقرر اهلڪارن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، جڏھن ته سنڌ حڪومت هر قسم جي ضرورتن لاءِ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج به چونڊن جي عمل دوران موجود رھندي، پولنگ اسٽيشنن جو ٽوٽل انگ اڻويھ هزار ڇهه آهي. جن ۾ پنج هزار نو سئو اٺاسي نارمل پولنگ اسٽيشنون، 6531 حساس پولنگ اسٽيشنون آهن، جڏھن تھ سڀ کان وڌيڪ حساس پولنگ اسٽيشنن جو انگ 6496 آهي، جتي 122،030 پوليس اهلڪار ڊيوٽيون سر انجام ڏيندا، اھڙي طرح سان پوليس جو ڪن به اڻ وڻندڙ حالتن ۾ تڪڙو قدم کڻڻ وارو فورس ست هزار اهلڪارنجو هوندو، ايڪسائيز پوليس جا پنج سئو پنجاھ اهلڪار ۽ 22 هزار 8 سئو ستر ليڊي هيلٿ ورڪرز پنھنجون ذميواريون نڀائينديون. ھن چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ 3 سئو 86 اسڪولن جي لاءِ ڏيڍ ارب رپين جو فنڊ جاري ڪيو ويو آهي ۽ ڇهه هزار کان وڌيڪ ڪئميرائون نصب ڪيون ويون آهن. ڪنهن به خراب صورتحال سان منھن ڏيڻ جي صورت ۾ ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر ۽ وائرليس سسٽم پڻ نصب ڪيا ويا آهن. اطلاعات واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه وڌيڪ چيو ته ميڊيا کي جيڪا معلومات ملي ٿي اها حساس ادارن کي به ملي ٿي. امن امان جي بهتري لاءِ ڪيترن ئي مهينن کان ڪم جاري آهي .سيڪيورٽي حوالي سان سخت منصوبھ بندي ڪئي وئي آهي ۽ بيڪ اپ پلان پڻ ٺاهيو ويو آهي .سمورا ادارا ۽ حڪومت اليڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺا آهن. ھن چيو تھ ان کان اڳ غير حاضر ملازمن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي هئي. جيڪي اليڪشن ۾ قومي فرض ادا نه ڪندا ھئا، ھاڻي انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو تھ مان سڀني وڏين سياسي پارٽين سان رابطي ۾ آهيان ۽ انهن کي درخواست ڪريان ٿو ته اھي اليڪشن ۾ تعاون ڪن، چونڊن واري ڏينھن تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. ھن چيو ته عام چونڊن واري ڏينهن تي موبائل سروس بند نه ٿيڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنهن علائقي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهڙو ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اھو صورتحال کي ڏسي فيصلو ڪيو ويندو. ھن چيو ته پاڪستان جا اندريان توڙي ٻاھريان دشمن چونڊن واري صورتحال کي خراب ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر اھي ڪامياب نه ٿيندا ۽ کين ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.