مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿر جي سياسي سماجي اڳواڻن چيو آهي ته ڪارونجهر ڪنهن سرڪاري ڪارندي جي پيءُ جو نه پر اسان جي پيءُ جو آهي،اسان کي اکيون ڏيکاري ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪيو،اسان جا وڏڙا طرخونن،ارغونن ۽ انگريز سامراجن کي اکيون ڏيکاري چُڪا آهن،توهان ڪهڙي باغ جي مُوري آهيو، ڪارونجهر جي حفاظت هر مُحب وطن ڪندو، ٿر سجاڳ سٿ پاران ”عام چونڊون ۽ ٿر جي مستقبل جو سوال“جي عنوان هيٺ مٺي ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ نوجوان طبقي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سماجي اڳواڻ، ليکڪ، اديب ۽ شاعر خليل ڪنڀار چيو آهي ته اسان سرڪاري ڪارندي کي چئون ٿا ته ڪارونجهر اسان جي پيءُ جو آهي، ڪنهن سرڪاري ڪارندي جي پيءُ جو ناهي، اسان جي وڏڙن طرخونن، ارغونن ۽ ا نگريز سامراج جون اکيون ڏٺيون آهن، اُنهي ڪري اسان کي ڪير به اکيون نه ڏيکاري. اسان چئون ٿا ته ڪارونجهر جبل عالم انسانيت جو ورثو آهي، جبل پاڻ سڀني سنڌ واسين جو آهي، پاڻ کي ڪارونجهر لاءِ اُٿڻو پوندو، ٿر سجاڳ سٿ جي اڳواڻ وڪيل دليپ دوشي چيو ته ٿرڪول منصوبن ۽ ڪارونجهر اشوز تي پير کوڙي بيٺل ڪردار اسان جا هيروز آهن، چونڊيل نمائيندا ٿر جي ماڻهن کان ووٽ وٺي اسيمبلين ۾ وڃن ٿا، اسان سڀني کي پيار ڏيڻ سان گڏ گريبان مان پڪڙي سوال پڇنداسين، ٿر جي 10 هزار ايڪڙ زمين ڪمپنين حوالي ڪئي وئي آهي، ڪو آواز ناهي اٿيو، اسان کي پڇڻ کپي ته 10 هزار ايڪڙ زمين ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ٿيندي، ڪهڙو پلان آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ پرشوتم سوراڻي چيو ته ڪارونجهر اسان جو سج آهي، اسان چئون ٿا ته پارٽي کان وڌيڪ اسان لاءِ ڌرتي اُتم آهي، ڪارونجهر اندر عبادتون،مندر ۽ مسجدون آهن،اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪارونجهر نيلام ڪرڻ نه ڏينداسين،ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ چاچا الهرکيو کوسو خطاب ڪندي چيو ته تاريخ ۾ 2 ڪردار ياد رهندا، اُنهن ۾ هڪ سوداگر غدار ۽ ٻيو مُحب وطن ڪردار هوندا، اسلام ڪوٽ پريس ڪلب جي ساٿين ڪارونجهر جو آواز اُٿاري مُحب وطني جو ڪردار ادا ڪيو ۽ صوبائي وزير خدابخش مري سوداگري ۽ غداري جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٿر ۾ 2 قومي ۽ 4 صوبائي جون سيٽون آهن، اُنهي کانسواءِ سينيٽر، مشير، صلاحڪار آهن، ٿر ۾ وڌ کان وڌ نمائيندا چونڊجن ٿا، باوجود هي وسيلا تين وال پيا ٿين، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر گهنشام مالهي چيو ته ٿر جا وسيلا هميشه اقتداري ڌُر تين وال ڪيا آهن، اُها پ پ ئي آهي جنهن سنڌ کي تباھه ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، اسين چئون ٿا اُنهن اُميدوارن کان وسيلا کپائڻ جا سوال ٿيڻ کپن، سماجي اڳواڻ پيارو شيواڻي چيو ته اسان وٽ ووٽ وٺڻ ايندڙ اُميدوارن کان سوال ڪرڻا پوندا ته مسئلا حل ڪير ڪندو، اليڪشن ۾ بيٺل پ پ،جي ڊي اي،پي ٽي آءِ سميت سمورا اُميدوار پينافليڪس تي ”ڪارونجهر بچائينداسين“لکي ورڪ پيا ڪن هن چيو ته ڪارونجهر وڃڻ وقت اسان کي ڪئميرائون کڻي وڃڻ نه ٿو ڏنو وڃي پوءِ هي ايڏو پٿر کنيو پيو وڃي اُهو ڪنهن کي نظر ڇو نه ٿو اچي، اشوڪ ڪمار خاموش چيو ته اڄ جا سياستدان نوجوانن کي سياست کان باغي ڪري رهيا آهن، نوجوانن کي سياست جي ميدان ۾ اچڻ نه ٿو ڏنو وڃي، نوجوان صحافي غازي بجير خطاب ڪندي چيو ته ٿر جي سمورن اجتمائي اشوز تي لکڻ سان گڏ جدوجهد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي،اسان سڀني کي ڪارونجهر بچائڻ لاءِ همٿ ڪرڻي پوندي،اليڪشن ۾ بيهندڙ نمائيندا ڪامياب ٿيڻ بعد پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ لڳي ٿا وڃن، ڊاڪٽر جوڌي مل چيو ته ٿر ۾ نفسياتي مونجهارن خودڪشين ۾ واڌارو ڪيو آهي، آڪاش هميراڻي ٿر سڄاڳ سٿ پاران چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو، جنهن م مطالبا ڪيا ويا ته حڪومت نئون ۽ عوام دوست لينڊ اڪيوزيشن ايڪٽ، نامياتي فصلن جا سرڪار اگهه مقرر ڪرڻ، ڪارونجهر جي ڪٽائي کي روڪرائي يونيسڪو جي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪرائڻ، کنوڻ جي واقعن، خودڪشين جي واقعن، ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي سبب خراب ٿيندڙ جر جي پاڻيءَ جي مسلس چڪاس، صحت، تعليم، بنيادي انفرااسٽرڪچر، گئوچر، مال مويشي جي تحفظ، ڪول ڪمپنين پاران مقامي ماڻهن سان زيادتين، ٻيهر بحالي واري پاليسي توڙي ٿر جي انيڪ مسئلن تي هڪ جامع چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ويو.