غريده فاروقي کي هراسان ڪرڻ تي ڳڻتي آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (م ڊ) نگران حڪومت هڪ سياسي جماعت جي ٽرول بريگيڊ پاران  سينيئر صحافي غريده فاروقي کي هراسانڪرڻ جي بدنيتي تي ٻڌل مهم تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. جمعي تي سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته ماڻهن جي گهرن جو پتو ۽ پرائيويٽ فون نمبر ليڪ ڪرڻ تشدد ۽ حراسان ڪرڻ جي برابر آهي. جيڪو برداشت نه ڪيو ويندو، هن چيو ته لاڳاپيل عملدار هن معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن. جوابدار ۽ انهن  جا هينڊلر قانون مطابق  سزا کان  بچي نه سگهندا.

اپسوس جي سروي تي ماڻهو سوال اٿارڻ لڳا

اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي عمر چيما چيو آهي ته هڪ سروي آئي آهي جنهن ۾ پاڪ فوج کي سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد ادارو ڪوٺيو ويو آهي، اڍائي هزار ماڻهن کي راءِ ورتي وئي آهي، ٻئي نمبر تي عدليه،ميڊيا اچي ٿي، اليڪشن ڪميشن کي خاص لفٽ ناهي ڪرائي وئي، اها سروي وائيس آف آمريڪا طرفان اپسوس ذريعي ڪرائي آهي، جنهن جي ويب سائيٽ اسان جي رياست بلاڪ ڪرائي رکي آهي،24 سيڪڙو نوجوانن پنهنجي پارٽي وابستگي ٻڌائي آهي، نوجوانن جي اڪثريت ميار ڪئي ته سياسي قيادت نوجوانن جا مسئلا نٿي سمجهي،هن چيو ته مون سميت ماڻهن جي اڪثريت ان سروي تي سوال اٿاري رهي آهي،مون وائس آف آمريڪا سان رابطو ڪيو  ته انهن ٻڌايو ته ان سروي جا نتيجا اسان لاءِ به حيران ڪندڙ آهن،جنوري 2023ع ۾ پاڪ فوج جي مقبوليت 50 سيڪڙو هئي، ڊسمبر ۾ ان جي مقبوليت 70 سيڪڙو کان وڌي وئي،9 مئي واقعن کانپوءِ فوج جي مقبوليت ۾ واڌ ٿي،اپسوس جي سربراهه بابر ستار چيو ته مون کي گهڻن ماڻهن فون ڪري چيو ته توهان اها غلط سروي ڪرائي آهي، سروي ڪندڙ پي ٽي آءِ جي هڪ حامي ملازم چيو ته اسان درست سروي ڪرائي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج شاهد جميل هڪ سٺي شهرت رکندڙ جج آهي،سندس ويجهن ذريعن موجب هو ٽن چئن مهينن کان استعيفيٰ جو سوچي رهيو هو،عمر چيما ٻڌايو ته رابطو ڪرڻ تي شاهد جميل ٻڌايو ته مون سوچي ڇڏيو هو ته 10 سالن کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس،مان هاڻي وڪالت ڪندس

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.