پارس شاهه قتل ڪيس ۾ فرزانه شاهه ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي ماڊل ڪورٽ، پارس شاھه قتل ڪيس ۾ سندس زال ۽ سھري سميت چئني جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ پارس شاھه قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، فريادي سلمان شاھه پنھنجي وڪيل صلاح الدين پنھور سميت عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي جوابدار اسرار شاھه، ديدار شاھه، غلام نبي شاھه ۽ فرزانا شاھه تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جنھن تي جوابدارن ڏوھ باسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 27 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، بعد ۾ عدالت ٻاھران ڳالھائيندي مقتول پارس شاهه جي ڀيڻ سحر شاھه رضوي چيو ته اسان انصاف ملڻ تائين گھر نه ويھنداسين، عدالت مان اسان کي انصاف جي اميد آھي، ڀاءُ جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ جدوجھد جاري رکي ويندي، عدالت پاران جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ سان انصاف جي اميد پيدا ٿي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.