نيب ۽ جج بشير جو احتساب وارو نظام

انصار عباسي

2018ع ۾  احتساب عدالت جي جج بشير، نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ڏوهاري قرار ڏيندي  10 سال قيد ۽ 7 سال قيد جي سخت پورھئي سان سزا ٻڌائي. ان موقعي تي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ووٽرن،سورٽرن خوشيون ملهايون، مٺايون ورهايون ۽ ان کي انصاف ۽ احتساب جي نالي تي سندس واکاڻ ڪئي ۽ ان فيصلي جو هر هنڌ دفاع ڪيو. اڄ اٽڪل پنجن ڇهن سالن کان پوءِ ساڳئي احتساب عدالت جي جج بشير خان توشا خاني ڪيس ۾ ساڳئي جج بشير،عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ کي 14، 14 سال قيد ۽ ڏيڍ ارب ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

اڄ تحريڪ انصاف جج بشير، جي فيصلي کي انصاف جو قتل قرار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ به مٺايون تھ نه ورهايون آهن، پر ٻئي سياسي پارٽيون عمران خان ۽ بشرا بي بي، خلاف فيصلي کي انصاف جي عملداري طور ڏسي رهيون آهن. ياد رهي تھ ساڳئي ئي جج بشير ، جي انھيءَ عدالت وٽ، نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشا خاني ريفرنس جو ڪيس داخل آھي. نواز،زرداري ۽ گيلاني خلاف نيب توشاخانا ريفرنس ڪجهھ سال اڳ داخل ڪيو ھو. عمران خان ۽ سندس گهرواري خلاف توشا خاني جو ڪيس ڪجهه مهينا اڳ جج بشير، جي عدالت ۾ داخل ڪيو ويو هو. سوال اهو آهي ته عمران خان ۽ بشرا بي بي جو ڪيس ڪجهه مهينا اڳ داخل ٿيو هو.

ان جو نيب باقاعدا پوئواري ڪئي ۽ اڄ جج بشير، جي عدالت ان ڪيس جو فيصلو بھ ٻڌائي ڇڏيو.جيڪو توشاخانا جو ڪيس جج بشير جي عدالت ۾ گھڻو اڳ داخل ڪيو ويو ھو، اھو ڪٿي گم ٿي ويو، ان حوالي سان نيب ڇو سمهي رهي آهي ۽ ان ۾ جج بشير ڇو روزاني بنيادن تي ڪيس نھ پيو هلائي. جج بشير کي هڪ فرد جي طور تي  نه ڏٺو وڃي، پر اهو هڪ اهڙي نظام جو نالو آهي، جنهن احتساب جي نالي تي گذريل 25 سالن دوران اسان جي سياست، اسان جي رياست، اسان جي احتسابي نظام ۽ عدالتي نظام جي کوکلائپ کي وائکو ڪري ڇڏيو، پر ان ھوندي اھو سلسلو جاري ساري آهي.جج  بشير، ماضي ۾ جيڪو فيصلو نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف ڏنو، ان مان اھي بري ٿي چڪا.

نيب ۽ عدليھ جون اکيون، نوازشريف جي حوالي سان مڪمل طور بدلجي چڪيون آهن ۽ هاڻي عمران خان، جنھن  ماضيءَ ۾ احتساب جي نالي تي انصاف جو نالو ڏنو ھو، خوشي ملھايون پئي ۽ ٻين کي مٺايون کارائيون پئي، کيس اڄ وياج  سميت اهو ئي نظام آهي. 14 سال جيل جي سخت پورھئي سان لاءِ  سزا واپس ڪئي آهي ۽ اڄ اهو ئي چئي رهيو آهي ته ساڻس ناانصافي ٿي آهي ۽ کيس احتساب جي نالي تي سياسي بنيادن تي نشانو بڻايو پيو وڃي. ن ليگ طرفان عمران خان ۽ بشرا بي بي جي سزا کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي ۽ ان فيصلي کي درست قرار ڏنو ويو.

ياد رهي ته مسلم ليگ (ن) جنهن توشا خاني ڪيس ۾ نيب جي جج بشير ، جي فيصلي کي ساراهيندي پنهنجي تازي چونڊ منشور ۾ واعدو ڪيو هو ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ نيب جي اداري کي ختم ڪندي، جنهن سان نيب جون عدالتون به ختم ٿي وينديون، ڇو ته ن ليگ سمجھي ٿي تھ نيب جي اداري ڪڏهن به احتساب ناهي ڪيو پر احتساب جي نالي تي پوليٽيڪل انجنيئرنگ ڪئي، غلط طريقي سان سياستدانن ۽ سرڪاري آفيسرن کي جيلن ۾ وڌو ۽ مٿن ڪوڙا ۽ سچا ڪيس داخل ڪري سزا ڏني وئي.

اھا نيب جيڪا خراب هئي ۽ جنھن کي ختم ڪرڻ گھرجي، ان جي، عمران خان خلاف  فيصلي تي مطمئن ڇو آهي؟ ٻئي طرف ان فيصلي کانپوءِ عمران خان جي ڀيڻ عليما خان پاڪستان جي عدالتي نظام تي سوال اٿاريا آهن.عيلما خان ۽ سندس ڀاءُ اھي ئي سوال ماضي ۾ نھ اٿاريا،جڏهن سندن سياسي مخالفن کي احتساب جي نالي تي نشانو بڻايو پئي ويو. ائين ناهي ته اسان جا حڪمران ۽ سياستدان ڪرپشن يا غير قانوني ڪمن ۾ ملوث نھ ھوندا آھن.

الميو اهو آهي ته اسان جو  احتساب جو نظام ۽ عدليھ جو نظام، هڪ اک سان ڏسڻ جو عادي ٿي ويو آهي. انھن کي هڪ اک سان جيڪو ڏيکاريو وڃي ٿو، آهي، ھو اھو ئي ڏسن ٿا،جڏهن انھن جي هڪ اک بند ڪري، ٻي اک کولڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو ٻي اک سان بلڪل ان جي بلڪل ابتڙ ڏسن ٿا. جيڪو ڪجھھ کين اڳي ڏيکاريو وڃي ٿو. اسان جي سياست، نواز شريف ۽ عمران خان جو ڏوهه اهو آهي ته اھي ٻئي جي،ھن ناقص نظام ھٿان ڏنگجڻ تي خوشي ملھائين ٿا ۽ جڏهن پاڻ کي ڏنگيا وڃن ٿا ته ناانصافي جون دانهون ڪن ٿا. سياستدانن جي اھا ناڪامي رهي آھي اهي هن ملڪ کي  ھڪ بااعتبار، آزاد ۽ انصاف پسند، احتساب جو نظام ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رھيا آھن.. اھي ڪڏهن اقتدار جي دائري ۾ ۽ ڪڏهن سزا ۽ قيد ۾ پنهنجو سفر جاري رکندا آهن. جڏهن ته نيب ۽ جج بشير جو احتساب وارو نظام پنهنجي جاءِ تي قائم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.