شڪارپور ضلعي ۾ بدامني، ٻن ڪار سوارن کان ڦرلٽ، پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري مارجي ويو

شڪارپور/ خانپور (نمائندن وٽان) شڪارپور ضلعي ۾ بدامني جي باھ برقرار، خانپور انڊس هاءِ وي تي موٽرسائيڪل سوار ٽن هٿياربندن طرفان رڪاوٽون ڏئي ٻن ڪارن ۾ سوار ماڻهن کان ڦرلٽ، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ آمهون سامهون مقابلو ٿيو، فائرنگ ۾ ھڪ ڏوهاري مارجي ويو، انڊس هاءِ وي تي مختيارڪار خانپور آفيس سامهون موٽرسائيڪل سوار ٽن هٿياربندن طرفان ڏينهن ڏٺي جو رڪاوٽون رکي ٻن ڪار سوارن کي روڪي خانپور ٽائون جي چيئرمين مهدي حسن جتوئي جي ڊرائيور شعبان سنجراڻي کان روڪ رقم موبائل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بعد شڪارپور کان واپس ويندڙ پارڪو واسي الله بخش ڪلھوڙي کي ساٿين سميت يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته خانپور پوليس پهچي ڏوهارين تي فائرنگ ڪئي جنهن سبب ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ آمهون سامهون مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ رڪاوٽون ڏئي روڪيل الله بخش ڪلهوڙي جي ڪار ۾ به گوليون لڳي ويون، ٻئي طرف هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا، زخمي ڏوهاري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ته هو فوت ٿي ويو جنهن جي سڃاڻپ نواب سعد خاناڻي جتوئي طور ڪئي وئي، ڊي ايس پي خانپور يار محمد رند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هڪ ڏوهاري مارجي ويو، ان جا ٻه ساٿي فرار ٿي ويا، فرار ٿيندڙن ۾ هڪ ڏوهاري زخمي به شامل آهي، انهن کي به جلد گرفتار ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.