¨ موت هونئن ئي پراسرار هوندو آهي پر ڀائو زلف جي لاڏاڻي ته ان کي ويتر هڪ خوفناڪ حادثو بڻائي ڇڏيو شايد ان ڪري به جو هو نيوز جو ماڻهو هو سو هن دنيا مان گذر ڪرڻ واري واقعي کي به ڌماڪي واري خبر بڻائي سڀني اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن جي حوالي ڪري ويو.
¨ جيستائين سندس صحافتي زندگي جو تعلق آهي ته هو جديد سنڌي صحافت جي اوج واري دور جي يادگار ڪردارن مان هڪ هو. ان دور جو جڏهن به ذڪر نڪرندو ته زلف کي نظر انداز نه ڪري سگهبو. اهو مزاحمتي ۽ نظرياتي صحافت جو دور هو، عوام ۽ ڌرتي سان ڪمٽمينٽ جو دور هو. انور پيرزادي کي هو پنهنجو صحافتي استاد ۽ آئڊيل سمجهندو هو.
¨ زلف جيتوڻيڪ نيوز جو ماڻهو هو، سڄي ڄمار نيوز جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو، خبرن جون سرخيون ٺاهڻ ۾ ڪمال جي مهارت ۽ بي باڪي هيس پر بهترين ليکڪ به هو، شاندار نثر نويس به هو، ٺيٺ سنڌي ٻولي ڪتب آڻيندو هو پر چوندو هو ته مان ليکڪ ناهيان. اسان چونداسين هياسونس ته تنهنجيون لکڻيون تنهنجي دعويٰ کي رد ڪن ٿيون.
¨ سياسي حوالي سان کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ پارٽي سان سلهاڙيل رهيو تنهن ڪري ذاتي زندگي ۾ عملي طور ترقي پسند ۽ روشن خيال هو. اها به گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته زلف ادبي سنگت شاخ ڪراچي جو ريگيولر ميمبر هو. ڪجهه شاعري به ڪئي هيائين پر پوءِ پاڻکي رڳو صحافت جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
¨ هي سڄي ڄمار جاکوڙي صحافي رهيو جنهن جو مقصد اهڙي صحافت هئي جيڪا سماج کي آدرشي ۽ انقلابي بڻائڻ ۾ مدد ڪري. هن صحافت جو ڪارڊ ڪڏهن به پنهنجي ذات لاءِ استعمال نه ڪيو.
¨ اها به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته اهڙا ماڻهو جڏهن زندگي جي تڪليفن وارا دور پار ڪري سکن ماڻڻ جي مرحلي ۾ مس داخل ٿين ٿا ته موڪلائي وڃن ٿا.
¨ زلف جا ٻار چار ڇوڪريون ۽ هڪ پٽ اڃان جوان مس ٿيا، نوڪرين ڪرڻ جي عمر ۾ آيا، هڪ فرد بدران سڀني گهر ڀاتين اڃان ڪمائڻ شروع ڪيو ۽ زلف بظاهر سکن جو ڦل کائڻ جهڙو ٿيو ته دنيا مان گذر ڪري ويو.
¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سکن واري زندگي جا زلف ڪجهه آثار ضرور ڏٺا ۽ پنهنجي آخري پوسٽن ۾ انهيءَ صورتحال تي بيحد شڪر جو اڃان اظهار ڪرڻ ئي شروع ڪيو هيائين ته هي حادثو برپا ٿي ويو.شايد ان ڪري به جو زلف پنهنجي مزاج ۾ بيحد خوددار هو. هو پنهنجن ٻارن سان به اهڙو اظهار ڪرڻ لڳو هو ته بس هاڻي مان اوهان کي پنهنجن پيرن تي بيهاري ويو آهيان، هاڻي منهنجو ڪم پورو ٿي ويو آهي.