چونڊن ۾ سنڌ اندر پ پ جي پوزيشن: هڪ جائزو

تحرير: سنجي سادھواڻي

ٻيو ۽ آخري حصو

اين اي 209 سانگهڙ. ھتي قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ  گهٽجي وئي آهي جنهن سبب ضلعي ۾ چونڊ مقابلي جو ماحول وڌي ويو آهي. پيپلز پارٽي جي اميدوار شازيه مري آهي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ محمد خان جوڻيجو آهي، جنهن پيپلز پارٽيءَ کان بغاوت ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت ڪئي آھي. شازيه لاءِ هي حلقو نئون نھ آهي، ڇو ته هوءَ ماضي ۾ ٻه ڀيرا ڪامياب ٿي هئي، اهو حلقو کپرو ۽ ٻهراڙيءَ جي آبادي تي مشتمل هو، پر هاڻوڪي تڪ ۾ شهري آبادي ۽ حر جماعت ۽ جوڻيجو صاحب جو پنهنجو ووٽ آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ هي هڪ بھ سخت ترين حلقو آهي،  ھتي جهيڙي جو بھ خطرو رھي ٿو. الله ڪري هتي اليڪشن پرامن ٿئي.

اين اي 210 صلاح الدين جوڻيجو، پ پ اميدوار آھي. جنھن لاءِ اها سيٽ آسان آهي ڇو ته هن سيٽ ۾ شهدادپور، ٽنڊو آدم تعلقي سجھورو جو ڪجھه حصو شامل آهي.مقابلو يقيني آهي پر سيٽ پ پ پ کٽندي،  ماضي ۾ پ پ جي روشن جوڻيجو هڪ لک 3 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ھو. جڏهن ته مهر علي 43 هزار ووٽ کنيا ھئا.

اين اي 211 ميرپورخاص تان پ پ اميدوار آفتاب علي شاهه جيلاني، گذريل چونڊن ۾ پ پ کان ناراض علي نواز شاهه 75 هزار 872 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ھو. جڏهن ته پ پ اميدوار 67 هزار 782 ووٽ حاصل ڪيا. پر اڄ جون حالتون مختلف آهن. هن سيٽ تي اليڪشن ٿيندي پر پيپلز پارٽي آرام سان کٽي ويندي.

اين اي 212 ميرپورخاص ..مير منور ٽالپر، هيءَ سيٽ روايتي طور ٽالپرن وٽ رهي آهي، هن سيٽ تي ڳوٺاڻن جو ووٽ به گهڻو آهي، ان ڪري اميد ڪئي پئي وڃي ته مير منور ٽالپر ماضي وانگر هن ڀيري به وڏي  50 ھزار جي مارجن سان ڪامياب ٿيندو. گذريل اليڪشن ۾ ھن 1 لک 5 هزار 952 ووٽ کنيا هئا. جڏهن ته ارباب غلام رحيم 51 هزار ووٽ حاصل ڪري سگهيو.

اين اي 213 تان مير يوسف ٽالپرآھي.ھتي ھن جو  مخدوم شاهه محمود سان مقابلو ٿيندو رهيو آهي پر هن ڀيري هو ان سيٽ تان نه وڙهندو. جنهن جو ٽالپر صاحب کي فائدو ٿيندو ۽ هن ڀيري هو آساني سان سيٽ کٽي سگهندو. گذريل اليڪشن ۾ هن سيٽ تي يوسف ٽالپر 1 لک 64 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا هئا جڏهن ته شاهه محمود قريشي 1 لک 4 هزار ووٽ حاصل ڪري سگهيو هو.

اين اي 214 تي پ پ اميدوار امير علي شاهه، جڏهن ته مخالف اميدوار شاهه محمود يا رزاق راهمون آهي. ھتي راحمون، سميجو برادري ۽ ٻين جو وڌيڪ ووٽ بئنڪ آهي، جيلاني ۽ غوثيه جماعت جو ووٽ بھ آهي، صوبائي سيٽ تي پيپلز پارٽي جو دوست علي راحمون آهي، جيڪڏهن ھو شاهه محمود بدران رزاق الراحمون اليڪشن وڙهندو ته پوءِ امير علي شاهه مشڪل ۾ اچي ويندو.

ڇاڪاڻ ته امير علي شاهه ڪڏهن به تڪ تان کٽي واپس نه ايندو آھي. اهي رڳو مريدن جي زور تي اليڪشن کٽڻ چاهين ٿا. جنهن جو اظهار ڪجهه ڏينهن اڳ ووٽرن سندس سامهون ڪيو هو.

اين اي 215. پ پ اميدوار مهيش ملاڻي. هن ڀيري سندس مقابلي ۾ اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم ھوندو. پر مهيش ملاڻي  سيٽ آسانيءَ سان کٽيندو. هي پاڪستان جي واحد جنرل سيٽ آهي جتان اقليتي اميدوار قومي اسيمبليءَ مان ڪاميابي حاصل ڪندو آھي، گذريل اليڪشن ۾ هن تڪ تان مهيش ملاڻي هڪ لک 9هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا هئا، جڏهن ته ارباب ذڪاءُ الله کي 89 هزار ووٽ مليا هئا.

اين اي 216 مٽياري مخدوم جميل الزمان. هتي هر ڀيري نوان اتحاد ٺهن ٿا پر اليڪشن کانپوءِ اهي ختم ٿي وڃن ٿا، هن ڀيري ن ليگ اڳواڻ بشير ميمڻ کي ميدان ۾ لاٿو آهي، ته مٽياري سوئيپ ڪندو پر ائين نه ٿيندو. مخدوم جميل پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ سموريون سيٽون آسانيءَ سان کٽيندو. گذريل اليڪشن ۾ مخدوم جميل کي هڪ لک ووٽ مليا هئا، جڏهن ته سندس مخالف کي 50 هزار کان وڌيڪ ووٽ مليا هئا.

ين اي 217 تي ذوالفقار ستار بچاڻي اليڪشن کٽندو. جيتوڻيڪ گذريل اليڪشن ۾ ھتان محمد محسن 70 هزار کان وڌيڪ ووٽ  کنيا ھئا. پر ڪجهه عرصو اڳ کوکر برادري ادي فريال سان ھتي بيعت ڪئي آهي، جنهن ڪري اها سيٽ وڌيڪ آسان ٿي وئي آھي. بچاڻي صاحب گذريل اليڪشن ۾ 97 هزار 451 ووٽ کنيا هئا.

اين اي 218 حيدرآباد. اها سيٽ طارق شاهه ڄاموٽ کٽندو. هي سيٽ حيدرآباد جي ٻهراڙي وارن علائقن تي مشتمل آهي يا کڻي چئون سنڌي اڪثريتي علائقن تي مشتمل آهي، گذريل اليڪشن ۾ هتي سائين بخش شاهه پي ٽي آءِ پاران مقابلو ڪيو هو، تنهن هوندي به طارق شاهه 82 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته خاوند بخش. 51 ھزار ووٽ حاصل ڪيا. هن ڀيري  پي ٽي آءِ مقابلي ۾ نھ آهي.

اين اي 219 پ پ اميدوار محمد علي سهتو.گذريل اليڪشن ۾ هتان صابر قائمخاني ڪامياب ٿيو. جنهن 46707 ووٽ حاصل ڪيا هئا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو جمشيد علي 38742 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي هو، هتي علي محمد سهتو 28691 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي هو،ھن ڀيري پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ سخت مقابلو ٿيندو.

اين اي 220 حيدرآباد وسيم خان راجپوت. پ پ اميدوار. هي حلقو روايتي طور تي ايم ڪيو ايم جو آهي ڇو ته هن حلقي ۾ ڪچو قلعو، پڪو قلعو ۽  شهر آهن، جتي اردو آبادي جو وڏو ووٽ بئنڪ آهي. ايم ڪيو ايم هميشه کٽي آهي، هن ڀيري به ائين لڳي رهيو آهي. گذريل اليڪشن ۾ پ پ پاران صاحبزاده ابوالخير محمد جي حمايت ڪئي هئي جنهن کي رڳو 20 هزار ووٽ مليا هئا جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي اميدوار 50 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا هئا.

اين اي 221 سيد نويد قمر. هي حلقو پيپلز پارٽي هميشه جيان هن ڀيري به آسانيءَ سان کٽيندي، جبار ميمڻ يا علي نواز ٽالپر  جو هتي سٺو ووٽ بئنڪ آهي پر پ پ جي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي ضلعي لوڪل گورنمينٽ مان ٻيا فائدا به پ پ جا ووٽ نويد قمر ڏانهن ڏسي رهيا آهن.  گذريل اليڪشن ۾ نويد قمر 76 هزار 77 ووٽ کنيا هئا جڏهن ته علي نواز ٽالپر 45 هزار ووٽ حاصل ڪيا هئا.

اين اي 222 مير غلام علي ٽالپر، هي حلقو روايتي طور تي بدين ۾ پيپلز پارٽيءَ جو مضبوط قلعو رهيو آهي. مرزا پ پ اختلاف جي عروج تي به هتان پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي. ان وقت غلام علي ٽالپر 96 هزار 978 ووٽ کنيا هئا جڏهن ته ذوالفقار مرزا جو پٽ حسام مرزا 81 هزار 831 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي هو. مقامي ماحول ۽ موجوده صورتحال کانپوءِ چيو پيو وڃي ته هاڻي پيپلز پارٽي جي اميدوار جي برتري گذريل اليڪشن ۾ مرزا خاندان جي اميدوار کان وڌيڪ هوندي.

اين اي 223 بدين. پ پ اميدوار غلام رسول چانڊيو بمقابله فهميده مرزا.هن تڪ تي گذريل اليڪشن ۾ مقابلو ٿيو هو. جڏهن ته پ پ جو غلام رسول چانڊيو 93991 ووٽ کڻي هارايو هو. فهميده مرزا 94 هزار 988 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي هئي، ھڪ ڀيرو وري ھن تڪ تان پ پ جو غلام رسول چانڊيو  ۽ فھميدا مرزا ۾ مقابلو آھي. معلومات موجب اندازو لڳايو پيو وڃي ته هن تڪ تان پ پ جي کي اميدوار، فهميده مرزا جي مقابلي ۾10 هزار ووٽن جي ليڊ آهي. اليڪشن شفاف ٿيندي. تھ ھن تڪ تي بھ  مقابلو ٿيندو.

اين اي 224 پ پ اميدوار اعجاز شيرازي. هي حلقو بنيادي طور تي شيرازي ڀائرن جي روايتي ۽ خانداني ملڪيت رهيو آهي ۽ ائين نظر اچي رهيو آهي ته ڪا خاص اليڪشن نه ٿيندي. گذريل اليڪشن ۾ شيرازي برادران کي سنڌ ۾ سڀ کان وڏي برتري حاصل هئي، يعني اعجاز شاهه 1 لک 30 هزار ووٽ کنيا هئا، جڏهن ته مدمقابل مولوي محمد صالح 11 هزار 184 ووٽ حاصل ڪيا هئا. هتي پيپلز پارٽي جي ليڊ 1 لک 19 هزار هئي

اين اي 225 ٺٽو صادق علي ميمڻ، پيپلز پارٽي روايتي طور تي هن سيٽ تي به ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته شيرازي برادري مسلم ليگ ن ۾ هئي، هتي جا ووٽر پيپلز پارٽيءَ جاگهڻا همدرد آهن. گذريل اليڪشن ۾ هتان پ پ اميدوار 1 لک 52 هزار 700 ووٽ کنيا هئا جڏهن ته ارسلان بروهي 18 هزار 914 ووٽ حاصل ڪيا هئا.

اين اي 226 ملڪ اسد سڪندر. ھتان گذريل اليڪشن ۾ مراد علي شاهه جو ماڻهو سڪندر راهپوٽو پيپلز پارٽي جو ايم اين اي بڻجي ويو هو، پر گذريل اليڪشن ۾ سڪندر شورو پيپلز پارٽيءَ جي نه هئڻ سبب هن تڪ ۾ سخت مقابلو ٿو هئو. هاڻي سڪندر شورو ڪوٽڙي تان پيپلز پارٽيءَ جو اميدوار هجڻ ڪري جلال محمود شاهه يا ايس يو پي کي هن ڀيري ايترا ووٽ نه ملي سگهندا، جيترو گذريل اليڪشن ۾ مليا هئا ۽ ملڪ اسد سڪندر. سڪندر راهپوٽو کان وڌيڪ سخت اميدوار آهي. شورو ۽ ملڪ جا اختلاف به بظاهر ختم ٿي ويا آهن. ان ڪري هتي اليڪشن نه آهي. گذريل اليڪشن ۾ پ پ جي سڪندر راهپوٽو 1 لک 33 هزار 500 ووٽ کنيا هئا جڏهن ته جلال محمود شاهه 81 هزار 250 ووٽ کنيا هئا.

ايم اي 227 دادو عرفان علي لغاري. هن سيٽ تي اليڪشن جا چانس  آهن پر ڪير به سخت مقابلو  نه  آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڀيري جتوئي خاندان خاموش آهي، هو اهڙي طرح اليڪشن مهم نه هلائي رهيا آهن،  جڏهن ته گذريل اليڪشن ۾ عرفان لغاري کي 95 هزار 591 ووٽ مليا، پي ٽي آءِ جي لياقت جتوئي کي 82 هزار 658 ووٽ مليا. ان ڪري هتي مقابلو ٿيو

اين اي 228 دادو. سردار رفيق جمالي. پيپلز پارٽي اها سيٽ گذريل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي لاءِ ايتري آسان نه هئي ۽ جيڪڏهن مخالف گڏجي اليڪشن وڙهن ها ته رفيق جمالي  سيٽ وڃائي ها. هن ڀيري دادو ٻوڏ سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو هو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته دادو وارا ان ڪارڪردگي جو بدلو وٺندو  يا وري رفيق جمالي اتان ڪامياب ٿيندو آهي. گذريل اليڪشن ۾ رفيق جمالي 81 هزار 215 ووٽ کنيا، سندس مخالف ڪريم جتوئي 63 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا، جڏهن ته مير جان محمد پنهور کي لڳ ڀڳ 20 هزار ووٽ مليا، جيڪي گڏ ڪجن ھا تھ اھي رفيق جمالي جي ووٽن  کان وڌيڪ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.