ڇا هاڻي به پي ڊي ايم جي طرز جي حڪومت ٺهندي؟

تحرير: رياض ابڙو 

اسان وٽ اهو سياسي لاڙو رهيو آهي ته  هڪڙي پارٽيءَ کي ڇڏي ٻي پارٽيءَ کي ووٽ ڪجي، جيڪي پارٽيون اوتيل، پوتيل ۽ ڌوتل سياسي ۽ مذهبي پارٽيون آهن. انهن سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي آزمائي آزمائي نسل هليا ويا پر ڪا تبديلي ناهي آئي، ان ڪري هيل انهن پارٽين کي ووٽ نه ڪيو. پر سوال اهو به آهي ته جي انهن پارٽين کي ووٽ نه ڪيون ته پوءِ ڇا ڪيون؟

هاڻي وري نئين پاڪستان جي نعري تحت عمران خان کي ووٽ ڪيون، پر اهڙو ووٽ به ڪري ڏٺوسين، ڪو کڙتيل نه نڪتو. وري زرداريءَ جي پارٽيءَ کي ووٽ ڪري ڏٺوسين ڪجھه  نه وريو جو اڃان تائين ماڻهن کي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي لڳي پئي آهي، ماڻهن کي بنيادي سهولتون مهيا ناهن. مثال هيل تائين به شڪارپور شڪاگو نه ٿي، لاڙڪاڻو لنڊن نه ٿي سگهيو، يا ميرن جا ڳوٺ مليشيا نه ٿي سگهيا، وري نيون آباديون به نيوزيلينڊ ٿي سگهيون. پر هاڻي جي نوازشريف کي ووٽ ڪبو ته مَن اهو پاڪستان کي پيرس ڪري ڇڏي. ان ويچاري 1998 ۾ قرض اتارو ملڪ سنوارو جو نعرو ته ڏنو هيو پر ڪري نه سگهيو. پر مصيبت اها به آهي ته نوازشريف هن ڀيري به نابري واري ڇڏي آهي، چئي ٿو ته جي 9 مئي نه ٿئي هان ته ملڪ ترقي جي پل ٽپي هن ڀرِ هليو وڃي هان ۽ ملڪ ملير ٿي وڃي هان، پر هاڻي ڪجھه  نه ٿيندو ۽ هي پاڻ مڃي ٿو ته هي هن ڀيري (نوازشريف) به وزيراعظم ٿيڻ ناهي آيو. جڏهن ته اها به حقيقت ڏسڻ ۾ ٿي اچي ته ڪورٽون، عدليا، ايوان، عسڪري ادارا، سياسي ۽ مذهبي پارٽيون، فوجي اسٽبلشيمنٽ ۽ ان سان لاڳاپيل ۽ سمهت سڀ جو سڀ پارٽيون هڪ پيج تي آهن، اهي سياسي گُرَ ڀلي ڀت سمجهن ٿا جيڪي عوام نه ٿو سمجهي. ۽ ٻيو ته اهي سڀ سياسي ۽ مذهبي پارٽيون ڪٿي لبرل پاڪستان جا عشق کڻي ووٽن واري ڏينهن نڪري ٿا پون ته ڪي مذهبي معاملو سوار ڪري اليڪشن جا رخ ٿا ڪن. اهي سمجهن ٿا ته واقعي انهن جي هٿ ۾ آهي ته اهي ووٽ سان انقلاب آڻي سگهن ٿا پر اهو فلسفو سمجهڻ جي اشد ضرورت آهي ته ووٽ سان رڳو سياسي پارٽين جي تبديلي ممڪن آهي، معني هڪ جو وارو ويو ۽ هاڻي ٻيو ايندو ۽ وري ٽيون ۽ ائين ئي معاملو هلندي هلندو رهندو.

حقيقت اها به آهي ته ساڳيا ماڻهو ٿا آڏو اچن جنهن ڪري ووٽ ڪو انقلاب برپا نه ٿو ڪري سگهي، رڳو اهو آهي ته هڪ اڳواڻ کي نندي ٻئي کي چونڊي سگهجي ٿو. هڪ کي پوئتي ڪري ٻئي کي عوام هروڀرو ڪرسي آڇي سگهي ٿو، ڇو ته عوامي طاقت رڳو ڪرسي مٽائي سگهي ٿي، سسٽم مٽائڻ رياست جي وس ۾ به ناهي. رياستي مهندار اهو سمجهن ٿا ته عوام ڪجھه  به نه ٿو سمجهي، اهي اها ڳالھ پڪي ڪيون ويٺا آهن ته هن ڀيري نوازشريف نه ايندو، ان ڪري اهي سڀ پوڙها ۽ کَکَ ملڪ جي ملڪيتن وانگي رياست ۽ سياست تي به قابض آهن. هروڀور سياسي ضد ڪيون ويٺا آهن ۽ عوام چاهي ٿو ته سسٽم ڀلي ڪجھه  به هجي پر عوام جي اڳواڻي هاڻي نوجوان رت کي سونپڻ گهرجي جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ڪرپٽ ناهن. دنيا کي اهو نوجوان پنهنجي نظر سان ڏسن ٿا جيڪا رڳو نواڻ آهي، ان ڪري فرسودگي واري سياست به ختم ٿيڻ گهرجي. وري جيڪي به مومن مسلمان آهن اهي به اهو ٿا سمجهن ته ماضيءَ وانگي هيل به اسٽبلشمينٽ محبوبيت جو اعلان ڪري چڪي آهي رڳو اليڪشن نما سياسي نڪاح باقي آ ۽ رڳو 8 کان 9 فيبروري ٿيڻ جي دير آ ملڪ ملير ٿي ويندو.

جلسا ”رينٽ آ ڪرائڊ“ ٿي پيا آهن، معني ماڻهن کي ٽرانسپورٽ ڪري هڪ شهر مان ٻئي شهر ۾ آڻڻو ٿو پوي. ماڻهن کي اليڪشني خيراتي ڀت کارائي، مفت جي بسين ۾ چاڙهي، وڏيرا، شاھ، سيد، ڪاروباري ماڻهو، صنعتڪار، سرمائيدار انهن زرخريد ماڻهن کي طعنا مهڻا ڏئي، ووٽن جي اسٽيشن ڏانهن مرغوب ڪن ٿا ۽ کٽي سوڀارو ٿا ٿين. وري ڪٿي ڪٿي مذهبي ۽ لساني عنصر به استعمال ٿئي ٿو جو ماڻهن کي اهو سمجهائن ته ”هوجمالو“ چئي الاتوهار ڪيو ۽ ووٽ ڪيو. پر حيرت اها به آهي ته جماعت اسلامي وارن سدائين ڪراچي ۽ مهاجر واري سياست ڪئي آهي، جيئن ايم ڪيو ايم تي زور پوندو آهي ته اهي به لساني سياست ڪندا آهن تيئن هاڻي مذهبي فيڪٽر سان گڏ لساني سياست به ڪن ٿا، سمجهن ٿا ته اهي هر طبقي جي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي سگهندا ۽ ماڻهن ۾ جذبو ٻاري ماڻهن کان ووٽ وٺي سگهندا. پر ڪا به سياسي پارٽي عام ماڻهن جو ڪو به سطحي مسئلو حل نه ڪري سگهندي ۽ جنهن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ کان وٺي، نوڪريون، بجلي، گيس ۽ ٽرانسپورٽ جا نظام صحيح نه ڪري سگهندا، يا اندروني ۽ بيروني مسئلا به حل نه ڪري سگهندا.

پيپلزپارٽيءَ جو شهرن ۽ ڳوٺن ۾ تاثر الڳ الڳ آ، انهن ٻنهي هنڌن تي پارٽي جا مفاد به ٻيا رهندا آيا آهن. مثال ڳوٺن ۾ جيڪي به پير، وڏيرا، مير، شاھ، سيد ۽ ٽيڪنوڪريٽ آهن اهي پنهنجي لائين سڌي ڪرڻ جي لاءِ هر ان پارٽيءَ جي وڪالت ٿا ڪن، جنهن ۾ انهن جا پنهنجا مفاد آهن. اهي سمجهن ٿا ته انهن ٽيڪنوڪريٽس جي هيل دال ڳري ويندي پوءِ اهي هيٺين ليول تي پنهنجي ليول سڌي ڪري انهن اٻوجھه ماڻهن جي آڏو وڪالت به ڪري ويندا ته پيپلزپارٽي صحيح آ، وري جنهن جا مفاد نون ليگ ۾ آهن ته اهي نوازشريف جي مٿي تي هٿ رکي قسم کائڻ لاءِ به تيار آهن. جيڪي ايم ڪيو ايم کي پنهنجو ٿا سمجهن ته اهي پوءِ لنڊن واري جي هيل واري صلاح به نه ٿا وٺن ته لغڙ وارا سڀ جا سڀ چور، فريبي، وڪائو ۽ مارڪيٽ جا وکر آهن. عمران خان پوءِ به صحيح آ، ان ڪري ته هيل ڪنهن ٻئي کي ووٽ نه ڪيو ۽ رڳو عمران خان کي ووٽ ڪيو، لغڙ کي ووٽ نه ڪيو ۽ جي ڪيو ٿا انهن جي پنهنجي حلف يافتا ماڻهن کي ووٽ ڪيو. وري جنت جون ٽڪيٽون به ورهائجن ٿيون، پوءِ جيڪي چاهن ٿا ته پاڪستان هيل به جنت ٿي ويندو جيئن 2018 ۾ ٿي ويو هيو ته هيل به اهي سڀ جو سڀ مذهبي پارٽيون پوءِ هڪ جهنڊي جي ڇانوَ ۾ اچي پاڪستان ۾ انقلاب آڻي سگهڻ جي قوت ساري سگهن ٿيون.

هڪڙي ٻي حقيقت به آهي ۽ جلسا ڪري دنيا کي وائڙو ڪرڻو هوندو آهي ته پاڪستاني عوام هاڻي جمهوريت جي لاءِ آتو ويٺو آ رڳو رياست ڪنجوسائپ ٿي ڪري ته 700 ڪروڙ ڊالر جيڪي بارود جي دونهين ۾ سڙي ٿا وڃن اتي اليڪشن جا رڳو 52 ارب روپيا جي ويا ته ڇا ٿي پيو؟ ڪهڙو عوام رياست کان اڪائونٽبلٽي ٿو گهري ۽ ڪنهن جو دم ناهي ته اهي سياست ۽ رياست کان سوال ڪن ته اهي ڪروڙين اربين روپيا ۽ ڊالر وڃن ڪاڏي ٿا؟ ڪهڙي بَلا ويٺي آ جيڪا اهي ڊالر ۽ روپيا ڳهي ٿي وڃي. يا هاڻي 300 ارب جي ”جي ڊي پي“ واري ملڪ جا نوان نوٽ ايندا ته پهرين جيڪي 300 ارب روپيا مارڪيٽ ۾ اڳ ئي پيا آهن اهي ڪاڏي ويندا؟ يا جڏهن اهي پيسا ٻيڻ ٿيندا ته زخيرا وڌي ويندا ته ڇا پوءِ مهانگائي ختم ٿيندي يا ڪجھه  جهڪي ٿيندي؟.

اهي سوال عوام ڪڏهن انهن اڳواڻن کان نه ٿو پڇي ته گروئر (هاري) بک ٿو مري ته پر بروڪر (واپاري) سکيو ويٺو آهي، پوءِ اٽو سستو ٿئي يا مهانگو، فائدو ڪنهن کي ٿيڻو آهي؟ اهي اليڪشن سان لاڳاپيل سوال ناهن، پر هنن سياسي پارٽين کي به انهن فرقن ۾ ورهائي کڻو، جيڪي جنتون ۽ دوزخ ورهائي ٿا ڏين، عوام انهن کي هاڻي ڪرسي به ورهائي ونڊي ڏيندو. عام تصور اهو به آهي ته عمران خان جي نفرت ۾ رياست ٻوٽيون حرام ۽ رهو حلال ڪيون ويٺي آهي، اهي سمجهن ٿا بغض معاويه ۽ حبِ علي تحت اسٽيبلشمينٽ هيل به پي ڊي ايم ۾ ڪرسيءَ کي خيراتي ڀت سمجهي ورهائيندي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.