عمران خان جي سزا، چونڊن کي تڪراري بڻائي ڇڏيو!

تحرير: رفيق پٽيل

پي ٽي آءِ ،جي سڄي ملڪ ۾ جڳهھ جڳهھ تي وڏي پئماني تي ريلين ۽ ڏھ سال جي سزا ٻڌائڻ کان پوءِ 8 فيبروري جون چونڊون وڌيڪ تڪراري بڻجي ويون آھن،ان باوجود پي ٽي آءِ ڀرپور مقابلو ڪري رھي آھي.عامل صحافين ۽ مبصرن جي اڪثريت ايندڙ چونڊن کي تاريخ جون سڀ کان تڪراري ۽ ڌانڌلي واريون چونڊون قرار ڏنو آھي.جنھن ۾ ملڪ جي سڀني کان مقبول جماعت پي ٽي آءِ کي چونڊن جي عمل کان ٻاھر ڪيو ويو آھي. چونڊ نشان بيٽ ان کان ڦريو ويو آھي،جنھن سان ان جي لکين حامين کي گھڻو ڏک پھتو آھي،سياسي جماعت کان جيڪڏھن ان جو چونڊ نشان واپس ورتو وڃي تھ اھا چونڊن جي عمل کان ٻاھر ٿي ويندي آھي،ان جا اميدوار پارٽي جي بجاءِ آزاد تصور ڪيا ويندا آھن ۽ عملي طور تي اھا تحليل ٿي ويندي آھي،اھڙي طرح ان پارٽي جا ڪروڙين حامي جي اجتماع جو حق ۽ اجتماعي سوچ جوحق ختم ڪيو ويو.جنھن جي سياسي نتيجن جو مطلب اھو ٿيندو تھ پاڪستاني عوام جي ھڪ وڏي حصي کي ملڪي معاملن کان جدا ڪيو ويو،عوام جو ھڪ وڏو حصو سياسي عمل يا چونڊن جي عمل سان ملڪ ۾ تبديلي نٿو آڻي سگھي.

پاڪستان جي آئين جو بنيادي تصور ھي آھي تھ حاڪميت خدا جي ذات آھي،اختيار عوام وٽ آھي،جيڪو اھو آزاداڻي طور تي پنھنجي مرضي جي مطابق چونڊيل نمائندن جي ذريعي استعمال ڪري ٿو،ڪن ماھرن جو خيال آھي تھ اھڙي طرح پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل رھنما اصولن جي ڀڃڪڙي ٿي رھي آھي،جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ اڃان بھ عدم استحڪام پئدا ٿيندو.

پاڪستان کي 9 اپريل 2022 کان لاڳيتو رنڊڪن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي،پھرين مرحلي ۾ 25 مئي 2022 جي ريلي روڪڻ جي لاءِ سرڪاري سطح تي قدم کنيا ويا ۽ گرفتاريون ڪيون ويون،اھڙي طرح 3 نومبر 2022 ۾ عمران خان تي ھڪ جلوس تي قيات ڪرڻ وقت فائرنگ ڪئي وئي ۽ ھو ان قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيو،جنھن جو اثر اڃان بھ ھن جي ڄنگهه ۾ موجود آھي،9 مئي 2023 تي ھن جي گرفتاري بعد ٿيل ھنگامن ۾ ھن جي جماعت عتاب ۾ آئي،اٽڪل ڏھھ ھزار ڪارڪن جي گرفتاري ٿي،جنھن ۾ عورتون بھ شامل ھيون،جن مان ڪجهھ اھم اڳواڻ اڃان بھ گرفتار آھن،عمران خان تي اٽڪل ٻھ سئو ڪيس قائم آھن،جنھن ۾ ھڪ اھم ڪيس سائفر جو آھي،ھي اھو مراسلو آھي جيڪو 7 مارچ تي آمريڪا ۾ مقيم پاڪستاني سفير موڪليو ھو، ھاڻي عمران خان ۽ شاھ محمود قريشي کي ھڪ ڳجھي مراسلي جي حصن کي عوام ۾ ظاھر ڪرڻ ۽ پاڪستان جي پرڏيھي لاڳاپا ھڪ اھم ملڪ سان خراب ڪرڻ تي ٻڌل سائفر ڪيس ۾ ھنن کي ڏھ،ڏھ سال سزا ٻڌائي وئي  آھي.

سپريم ڪورٽ تائين ڪيس پھچڻ ۽سزا برقرار رھڻ جي صورت ۾ ان سزا تي عملدرآمد جو امڪان موجود آھي،خود عمران خان بھ ان خدشي جو امڪان ظاھر ڪري چڪو آھي تھ اھو سڀ طيھ ٿيل منصوبو ھو،ان ۾ قانون جو گھرجون پوريون نھ ڪيون ويون.جنھن تيزي سان ڪيس ھلايو ويو ان جو مقصد چونڊن کان اڳ اھا سزا ڏيڻ ھو،چونڊ عمل اڳ ۾ ئي تڪراري آھي،ھي عمل ملڪ ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻجندو.مسلم ليگ ن جي ھاڻوڪين چونڊن ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي تھ ان جي نتيجي ۾ ايندڙ حڪومت جي قانوني حيثيت بھ تڪراري ئي رھندي،ملڪ وڌيڪ عدم استحڪام ڏانھن ويندو.

سياسي استحڪام ڪيئن ممڪن آھي ؟ ان باري ۾ آمريڪا جي اھم اداري يونائيٽيڊ انسٽيٽيوٽ آف پيس مستحڪم حڪمراني جو تحقيقي جائزو ورتو آھي،ان اداري کي آمريڪي ڪانگريس جوڙيو ھو،ان اداري جي مقصد ۾ مقامي ۽ بين الاقوامي سطح تي تڪرارن جي خاتمي،عالمي امن جي قيام،تحقيق ۽ پاليسي سازي جي تجويزن جي تياري آھي،اداري مستحڪم حڪمراني جي باري ۾ مڃيل اصول مقررڪيا آھن،جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ رياست پاران عوام پائمالي جو خاتمو،قانون جي حڪمراني،معاشي، سرگرمين جي نگراني ۽ زندگيءَ جي گھرجن جو بنا ڪنھن فرق جي عام ماڻھوءَ کي فراھمي شامل آھي.جڏھن تھ سمورن تڪرارن کي ڳالھين ذريعي حل ڪرڻ جو طريقو ڏنل ھجي،اختيارن جي مناسب ورڇ ھجي،چونڊون شفاف ھجن،مقننھ عوامي مفادن جي ترجماني ڪري ( يعني قومي اسيمبلي،سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبليون اھڙا قانون جوڙين جنھن جو سڌي ريت عوام جي ھرطبقي کي فائدو پھچي) اھو ڪو ڳجھو دستاويز نھ آھي،انٽرنيٽ تي مستحڪم حڪومت لکي ڪري،آمريڪي اسنٽيٽيوٽ آف پيس ۾ ان کي وڌيڪ تفصيل سان ڏسي ۽ سمجھي سگھجي ٿو.ٻين اھم ڳالھين ۾ رياستي وسيلن جي نگراني جي لاءِ ادارن جو قيام،ان جي لاءِ تربيت حاصل ڪيل پيشوراڻي افرادي قوت،گھربل وسيلا ۽ رقم جي فراھمي کانسواءِ انھن جي لاڳاپيل ذميدارن جو احتساب بھ شامل آھي.ان ۾ ئي ميڊيا جي آزادي ۽ سول ادارن جي بالادستي بھ شامل آھي،تحقيق ۾ اھا ڳالھ بھ سامھون آئي آھي تھ انھن سمورن لوازمات تي ٻڌل مستحڪم حڪمراني ان ڪري بھ ضروري آھي تھ رياست تي ڏوھاري گروھ يا ھٿياربندي گروھ حاوي نھ ٿي وڃن،ان سموري تحقيق جو نچوڙ ان ڳالھھ ۾ آھي تھ ڪنھن بھ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ان صورت ۾ ئي ممڪن آھي جڏھن ان جو عوام خوشحال ۽ بااختيار ھجي،مملڪت جي مامرن ۾ ان جي بنا فرق جي ڀرپور شموليت ھجي،ماڻھن کي سستو انصاف ملي،انھن کي مال ۽ جان جو تحفظ حاصل ھجي،انھن کي عزت سان زندگيءَ گھارڻ جو موقعو ملي.

افسوس ان ڳالهھ جو آھي تھ پاڪستاني رياست جو سفر ان مثبت رخ ۾ نھ آھي،خاص ڪري گذريل پوڻن ٻن سالن ۾ جنھن تيز رفتاري سان ملڪي ادارا زوال پذير ٿي رھيا آھن،اھي ظاھر ڪن ٿا تھ ھي ملڪي تاريخ جو انتھائي خراب دور آھي،ان کان بھ وڌ افسوس جي ڳالھھ ھي آھي تھ انھن حقيقتن تي پردو وڌو پيو وڃي،بلڪھ ڪي حلقا تھ ان تي اطمينان  ۽ خوشي جو اظھار ڪري رھيا آھن،مھانگائي جو اھو عالم آھي تھ دولت مند رعايت حاصل ڪيل طبقي کانسواءِ  ھر عام و خاص سخت پريشان آھي.پيٽرول، اٽو، دال، چانور،گوشت ۽ ٻيون ضروري شيون اھڙيون مھانگيون آھن جو،غريب ماڻھون کي پنھنجي ھڪ وقت جي ماني جي ڳڻتي آھي،غربت ۾ اضافو ٿي رھيو آھي.

ڪيئن اھو مڃيو وڃي تھ سڀ ڪجھھ درست آھي. عدليھ جي ساک خراب ٿي رھي آھي،انتظاميھ، پوليس ۽ ٻيا ادارا ڪمزور ٿي رھيا آھن.سياسي نظام بھ ڀڃ ڊاھ جو شڪار آھن،چونڊن جو عمل تڪراري آھي،اليڪشن ڪميشن پنھنجو اعتبار وڃائي ڇڏيو آھي.دفاعي ادارن ۽ عوام ۾ ويڇو وڌي رھيو آھي،ميڊيا دٻاءَ جي ڪري آزاد نھ آھي،انھن حالتن ۾ عمران خان جي سزا سان سياسي استحڪام جي اميد ڪھڙي طرح ممڪن ٿي سگھي ٿي،ڪجهھ ماڻھون خزان کي بھار جو نالو ڏيڻ تي زور ڀرين پيا،پر ان کي سچ ڪري پيش ڪرڻ۽توقع ڪرڻ تھ ماڻھو ان کي قبول ڪندا،ڪيئن ممڪن آھي. مشھور شاعر حبيب جالب چيو ھو تھ ..

پھول شاخوں پہ کھلنے لگے تم کہو

جام رندوں کو ملنے لگے تم کہو

چاک سینوں کے سلنے لگے تم کہو

اس کھلے جھوٹ کو ذہن کی لوٹ کو

میں نہیں مانتا میں نہیں جانتا

 

پي ٽي آءِ ،جي سڄي ملڪ ۾ جڳهھ جڳهھ تي وڏي پئماني تي ريلين ۽ ڏھ سال جي سزا ٻڌائڻ کان پوءِ 8 فيبروري جون چونڊون وڌيڪ تڪراري بڻجي ويون آھن،ان باوجود پي ٽي آءِ ڀرپور مقابلو ڪري رھي آھي.عامل صحافين ۽ مبصرن جي اڪثريت ايندڙ چونڊن کي تاريخ جون سڀ کان تڪراري ۽ ڌانڌلي واريون چونڊون قرار ڏنو آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.