جيڪب آباد (عوامي آواز نيوز) جيڪب آباد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ناري کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ اڪبر جکراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ناري کي قتل ڪيو ويو، ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته جوابدار اڪبر جکراڻي نوجوان ايوب جکراڻي کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجي ڌيءَ زيب النساءَ کي قتل ڪيو آهي، جڏهن ته نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ذريعن موجب ناري جو لاش هٿ ناهي اچي سگهيو، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.