جيڪب آباد ۾ محمد ميان سومرو جي قافلي تي فائرنگ، جاني نقصان نه ٿيو

جيڪب آباد (رپورٽ:  حضور بخش سومرو) مولاداد ٿاڻي جي حد قادرپور ويجهو جيڪب آباد جي تڪ اين اي 190 جي اڳوڻي نگران  وزيراعظم سردار محمد ميان سومرو جي قافلي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، جيڪب آباد جي تڪ اين اي 190 تي آزاد اميدوار سردار محمد ميان سومرو محفوظ رهيو، جيڪب آباد جي تڪ اين اي 190 جي آزاد اميدوار سردار محمد ميان سومرو، سردار سخي عبدالرزاق خان کوسو جي فرزند سردار زاده آيت الله خان کوسو جي قافلي تي فائرنگ ڪئي وئي، اليڪشن جي سلسلي ۾ ورڪنگ مهم تان ريلي واپسي ٿي رهي هئي ته قادرپور ويجهو ڪجهه ماڻهن روڊ تي پٿر رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، نامعلوم هٿياربندن سردار محمد ميان سومرو جي قافلي تي هوائي فائرنگ ڪري ڏني، قافلي ۾ موجود ماڻهن کي ڪو به نقصان نه پهتو، محمد ميان سومرو جي قافلي تي فائرنگ کانپوءِ شهرين ۾ ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿي وئي، علائقي ۾ پڻ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، واقعي کانپوءِ پوليس ڪو به ڪيس داخل نه ڪري سگهي، پوليس موجب واقعي بابت جاچ ڪيون پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.