ووٽ نه ڏيندس، ٻيا ووٽ به کاريندس: ڳوٺاڻي جو اڪرام ڌاريجو کي جواب

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل ۾ پ پ اميدوارن کي اليڪشن ورڪ ۾ سخت ڏکيايون، ھر ھنڌ رستا روڪ ۽ عوام طرفان  سوال ئي سوال؟ توھان اسان وٽ آيا آھيو عزت آھي باقي ووٽ ڪونه ڏينداسين، پني عاقل ڀرسان سيلرن جي ڳوٺ ۾ پي ايس 22 جي اميدوار اڳوڻي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي ڳوٺاڻن پاران ووٽ ڏيڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو، ڳوٺاڻي جي پڇاڻي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، چونڊ گڏجاڻي دوران هڪ ڳوٺاڻي اڪرام الله ڌاريجو کي چيو ته توھان اسان کي پنجن سالن ۾ ڏنو  ڇا آھي؟ علائقي ۾ ڪا به سھولت ناھي، ووٽ نه ڏينداسين ووٽ کاريندس به اوهان جا، ڳوٺاڻن پاران ڄام اڪرام الله ڌاريجو کان پنجن سالن جي ڪارڪردگي بابت پڇيو ويو ته توھان علائقي ۾ ڪھڙيون سھولتون ڏنيون آھن جو ووٽ ڏيون جي سوال ڪرڻ ۽ ووٽ نه ڏيڻ واري ڳالھه چوڻ تي پ پ جا مقامي اڳواڻ ڳوٺاڻي کي روڪيندا رھيا پر ڳوٺاڻي پي ايس 22 جي اميدوار ڄام اڪرام ڌاريجو کي ووٽ ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو جنھن کانپوءِ  ڄام اڪرام الله ڌاريجو جلدي اٿيو ھليو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.